فش هاربر اٿارٽي جي بحالي رٿا ۾ مالي ضابطگيون: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو سنڌسرڪار کي خط

نومبر 6, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) فش هاربر اٿارٽي جي بحالي واري 70 ڪروڙن  جي رٿا ۾ مالي ضابطگيون، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط،  ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي هٿ آيل دستاويزن موجب ڪراچي فش هاربر اٿارٽي ۾ هاربر ايڪسٽرنل سروسز جي بحالي ۽ مرمت واري 70 ڪروڙ رپين جي منصوبي ۾ نيسپاڪ کي پاسيرو ڪري پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ سروس ڪمپني کي سِڌي ريت ٺيڪو ڏئي سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي اڳواٽ ادائگي به ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته ورڪس کاتي جي اختيارين نيسپاڪ کي پاسيرو ڪري  فش هاربر اٿارٽي جي بحالي جو ٺيڪو پاڪستان اليڪٽرڪ اينڊ سول ورڪس ڪمپني حوالي ڪيو. سيپرا رولز 2010ع  تحت فش هاربر اٿارٽي جي مرمت ۽ بحالي جو ٺيڪو  ڪنسلٽنٽ نيپساڪ کي جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، انهي باوجود ورڪس کاتي جي تڏهوڪي ايڪسين (صوبائي بلڊنگز) ڊويزن ٽو تنوير ڪلوڙ نيسپاڪ کي پاسيرو ڪري سِڌي ريت ٺيڪو پاڪستان سول اينڊ ليڪٽرڪ ورڪس حوالي ڪيو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل  موجب ورڪس کاتي جي اختيارين پاران ٺيڪي لاءِ بينڪ گارنٽي کي 10 مان گھٽائي 2 سيڪڙو ڪيو ويو. ساڳئي ريت ٺيڪيدار کي اڳواٽ ادائگي  10 بجاءِ 90سيڪڙو ڪئي وئي! ٽرانسپرينسي انٽرنيشل موجب نيسپاڪ پاران انهي ٺيڪي تي اعتراض اٿارڻ کانپوءِ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي سيڪريٽري وٽ اهم اجلاس به ٿيو هو، نيسپاڪ جي اعتراضن کي نظر ۾ رکندي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته 15 ڏينهن اندر ٻيهر ٽينڊر ڪرايو ويندو، انهي باوجود ورڪس کاتي پاران پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس کي چالان نمبر (A12470) ذريعي 5 ڪروڙ 80 لک رپين جي ادائگي ڪئي وئي. ٽرانسپرينسي انٽرنيشل پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته 7 جولاءِ تي لاڳاپيل اختيارين پاران ساڳئي منصوبي جو ٻيهر ٽينڊر ڪرايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس نالي ڪمپني پاران جمع ڪرايل ڪاغذن ۾ اهو به معاملو سامهون آيو ته ڄاڻايل ڪمپني ٺيڪي لاءِ گھربل معيار تي پورو نه ٿي لهي. ذريعن موجب فش هاربر اٿارٽي جو ٺيڪو حاصل ڪندڙ ڪمپني پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس سال 2009ع ۾ رجسٽرڊ ٿي، انهي کان اڳ اها پاڪستان سول ورڪس ڪمپني طور ڪم ڪندي هئي جائزي دوران  معلوم ٿيو ته فش هاربر اٿارٽي جي مرمت ۽ بحالي واري منصوبي ۾ ٽينڊر جي ڇنڊ ڇاڻ واري 12 رُڪني ٽيڪنيڪل ڪاميٽي کي به نظرانداز ڪيو ويو. انهي ڪاميٽي ۾ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جو اڳوڻو سيڪريٽري اعجاز مهيسر، ايڊيشنل سيڪريٽري موهن لال، فش هاربر اٿارٽي جو تڏهوڪو ايم ڊي فاروق لغاري، نيسپاڪ جو چيف انجنيئر اعجاز شيخ، نيسپاڪ جو انجنيئر شمس الزمان، ورڪس کاتي جو ايس اي ارشد ڀٽو ۽ ٻيا شامل هئا.

Leave A Comment