| فضل الرحمان سان آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن جي ملاقات |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي سفارتخاني جي سياسي معاملن بابت ڊپٽي چيف آف مشن ٽيري اسٽيئرز گونزاليز ۽ اڳوڻي ڊپٽي چيف آف مشن زڪري هارڪنرائيڊر جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتا. زڪري هارڪنرائيڊر مولانا فضل الرحمان سان الوداعي ملاقات ڪئي۔زڪري هارڪنرائيڊر نئين نامزد سياسي معاملن بابت ڊپٽي چيف آف مشن ٽيري اسٽيئرز گونزاليز جو مولانا فضل الرحمان سان تعارف ڪرايو۔ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اِن موقعي تي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ مولانا اسجد محمود پڻ موجود هئا.