فضيلا لغاري جو ڌيءَ سوڌو آپگهات سموري سنڌ کي جنجھوڙي ڇڏيو
جُولاءِ 3, 2025
مورو (پنهنجي ڊيسڪ) مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري جي نوجوان ناري فضيلا لغاري پاران ٻن سالن جي معصوم ڌيءَ سميت درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ واري واقعي رڳو ننڍڙي ڳوٺ ئي نھ پر سموري سنڌ کي جنجھوڙي ڇڏيو آھي. فضيلا 3 ڏينھن اڳ پنھنجي پتڪڙي ڌيءَ ڀلي کي ھنج تي کڻي گھران نڪتي، ھو درياھ جي ڪنڌيءَ تي پھتي، پنھنجي جتي ۽ رئو لاھي درياءَ جي ڪپ رکي ڌيءَ سوڌو درياھه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو. فضيلا جو لاش تھ ھٿ ڪيو ويو آھي پر معصوم ٻارڙيءَ جو لاش اڃا نھ ملي سگھيو آھي.
فضيلا اھو انتھائي قدم ڇو کنيو؟ ان سوال جي جواب ۾ ڳوٺ بجراڻي لغاري جا رھواسي چون ٿا تھ 20 مئي جي مورو واقعي کانپوءِ سندن ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھيو ويو آھي، جيڪي بھ ماڻھو روزگار لاءِ شھر وڃن ٿا انھن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو يا ڪوڙا ڪيس ھڻي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. مورو ۾ تڪراري ڪينالن خلاف احتجاج دوران ڳوٺ بجراڻي لغاري جا 2 نوجوان عرفان ۽ زاھد لغاري پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويا ھئا ۽ صوبائي گھرو وزير ضياءَ لنجار جي گھر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ھو.
ڳوٺ بجراڻي لغاري جي ھڪ عورت ٿڌا ساهه ڀريندي چيو تھ فضيلا جي ڌيءَ بيمار ھئي، سندس مڙس بيروزگار ھو ۽ ساھرا توڙي پيڪا سڀ غريب ھئا، فضيلا بيمار ڌيءَ جو علاج نھ پئي ڪرائي سگھي، تنھن ڪري ھن اھڙي زندگيءَ کان نجات لاءِ اھو قدم کنيو، عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي سڄي ڳوٺ کي ڏک ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.
فضيلا جي امڙ،ڀيڻ ۽ مڙس چوي ٿو..
فضيلا جي ماءُ جو چوڻ آھي تھ غربت، بيروزگاري ۽ علاج جا پئسا نھ ھئڻ سبب ڌيءَ انتھائي قدم کنيو، سور مٿان سور ھئا، ان ڪري درياهه ڏانھن وڃي خودڪشي ڪئي.
فضيلا جي مڙس اشفاق چيو تھ اسان جو شھر وڃڻ بند ڪيو ويو ھو، ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر پيا ڪيون. اسان ڇا ڪيون، صدمي ۾ بي حال اشفاق وڌيڪ نھ ڳالھائي سگھيو ۽ اوڇنڱارون ڏئي روئندو رهيو.
فضيلا جي ننڍي ڀيڻ روئيندي ٻڌايو تھ فضيلا وڏي تڪليف ۾ ھئي، ڌي بيمار هئي انڪري هن انتهائي قدم کنيو
ھڪ ڳوٺاڻي چيو تھ 20 مئي کان فضيلا جي مڙس جو روزگار بند پيل ھو، گھر ۾ تنگدستي ھئي، سندس نياڻي بيمار ھئي، پئسا نھ ھئا. مطالبو ڇا ڪيون، اسان جي ڪير ٻڌڻ وارو آھي جو مطالبو ڪيون.
“پاڙي ناھي پروڙ تھ رات رنجائي گذاري”
ڳوٺ بجراڻي لغاري جي سڃاڻپ رڳو مورو وارو واقعو نھ آھي، ھن ڳوٺ جي ٻي سڃاڻپ اھا آھي تھ ھتان جو ٻار ٻار شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو آھي، ھنن کي شاهه سائين جا بيت برزبان ياد آھن، انھن ٻارن ۾ سوشل ميڊيا تي مقبول سوشل ايڪٽوسٽ ڪامريڊ ڪومل بھ شامل آھي. جڏهن ٽائيم نيوز پاران ڪومل کان سوال ڪيو ويو تھ شاھ لطيف تھ پنھنجي ھڪ شعر ۾ چيو آھي تھ: “پاڙي ناھي پروڙ تھ رات رنجائي گذاري”، ڳوٺ جي ماڻھن کي خبر ڇو نھ پئجي سگھي تھ فضيلا وڏي تڪليف ۾ آھي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪومل شاھ سائين جو مڪمل شعر ٻڌائيندي چيو تھ اسان کي واقعي بھ خبر نھ ھئي تھ فضيلا ايڏو انتھائي قدم کڻندي.ڪامريڊ ڪومل چيو تھ ڳوٺ کي گھيرو چڙھيل آھي ۽ بيروزگاري ۽ غربت واڪا ڪري رھي آھي.
ڀٽائي جو پارکو سڄو ڳوٺ دھشتگرد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟
ڪامريڊ ڪومل جيان ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو اھو سمجھن ٿا تھ فضيلا ۽ سندس معصوم نياڻي ڀلي جي موت جي ذميوار انتظاميا ۽ سرڪار بھ آھي، ڳوٺ ۾ اھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون جو ٻين ڳوٺاڻن جيان فضيلا جو مڙس اشفاق بھ بيروزگار ٿي ويو ۽ فضيلا کي غربت کان تنگ اچي آپگھات ڪرڻو پيو. سنڌ سرڪار کي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ پلجندڙ دردن جو درمان ڪرڻ گھرجي، ڀٽائي جو پارکو ھي سڄو ڳوٺ دھشتگرد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ غربت ۽ علاج نھ ڪرائي سگھڻ جي صدمي ۾ مبتلا ٿي آپگھات ڪندڙ ماڻھو دھشتگرد ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟ هي اهي سوال آهن جيڪي ماڻهن جي ذهنن ۾ گردش ڪري رهيا آهن.