تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

فطرت، شريعت ۽دنياوي قانون…ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

هن ڪائنات جي وجو ۾ اچڻ کان وٺي، هي ڪهڪشائن جون اڏامون، ستارن جي چمڪ، سيارن جون پنهنجي محور جي چوگرد گردشون، هوائن جا جهوٽا، کنوڻ جا کڙڪاٽ، زمين جو ڌڏڻ، ٻوڏون، زلزلا، ٻرندڙ جبل مان اڏامندڙ لاوا، سمنڊ جون ڇوليون، دريا جون موجون، هي ڏينهن راتيون، موسمن جي ڦير گهير، هي تباهيون، هي برباديون انهن سڀني جي پٺيان ڪي سبب، عمل، تن جا ردعمل توڙي ڪي خاص جبلتون هونديون آهن، جن جي تحت ڪائنات ۾ هي هيڏي اٿل پٿل، تبديليون رونما ٿين ٿيون. جديد تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته هن وايومنڊل ۾ ٿيندڙ هر حرڪت جو ٻئي ڪنهن حرڪت سان ڪنهن نه ڪنهن طرح جو ڳانڍاپو هوندو آهي. پوءِ چاهي اهو عمل هزارين سال اڳ ۾ ٿيو هجي ۽ ان جو لاڀ اسين اڄ ڪنهن نئين رنگ و روپ ۾ پسي رهيا هجون پر اها ڳالهه طئه آهي ته هر عمل جو ڪونه ڪو ردعمل ۽ هر ڪرڻي جي ڀرڻي ٿيندي آهي. اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته هي ڪائنات ڪنهن خاص قسم جي اندروني لڪل قانون پٽاندڙ هلي رهي آهي.ڪجهه اهڙا لڪل راز، ڪجهه پوشيده ڳجهه هوندا آهن، جن تحت هي ڪائناتي ڪاروان روان دوان آهي. هن ڪائنات ۾ وسندڙ هر مخلوق جون ڪي خاص جبلتون هونديون آهن جن تحت سنسار هلي رهيو آهي. مٿين سڄي پٽاڙ مان اهو ظاهر ٿيو ته دنيا جي وهنوار کي هلائڻ لاءِ ڪنهن خاص قسم جي قانون جي ضرورت هوندي آهي. ڪائنات ۾ موجود اهم قائده ۽ قانون ترتيب وار هيٺ ڏجن ٿا.
فطرت يا جبلت: ڪائنات ۾ موجود هر ذرو هڪ خاص قسم جي قانون تحت عمل پيرا آهي، ڪائنات جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي ذرڙي اليڪٽرانن جو نيوڪلس چوڌاري ڦيرو، ماليڪيولن جو هڪ ٻئي سان ٺهڻ، جڙڻ وري ٽٽڻ، ديومالائي جسامت رکندڙ تارن جو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ، انهن تارن جو پيدا ٿيڻ، مرڻ وري مري ڪارن ٽنگڙن (بليڪ هولز) ۾ تبديل ٿيڻ، تارن جي ڀڄڻ ڀرڻ مان ننڍڙا گرهه ٺهڻ، انهن گرهن جي ٽڪراءُ مان وري ننڍڙا اپگرهه وجود ۾ اچڻ توڙي ڌرتي تي ٿيندر هر قسم جي اٿل پٿل، ڀڃ ڊاهه توڙي ماحولياتي تبديلي هڪ خاص قسم جي فطرتي قانون مطابق ٿئي ٿي، جنهن کي عام ٻولي ۾ فطرت يا جبلت سڏجي ٿو ۽ سائنسي ٻولي ۾ طبعي قانون سڏجن ٿا. اهي قائدا قانون لکين ڪروڙين سالن کان ساڳي طريقي سان هن ڪائنات کي پنهنجي انداز سان هلائيندا رهندا پيا اچن، جن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي تبديلي ناهي اچڻي. هوائن جي رخ ۾ پکن، پنن جو اڏرڻ، باهه لڳڻ سان شين جو سڙڻ، چنڊ جي ڪشش ثقل جي ڪري سمنڊ ۾ ڇولين جو پيدا ٿيڻ، هلڪي پٿر جو پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ توڙي وزني بحري جهازن جو پاڻي تي ترڻ، انسان جو هوائن ۾ اڏامڻ، پاڻي مان برف ٿيڻ، وري برف ڳري پاڻي ٿيڻ، پاڻي جو ٻاف بڻجي اڏامي وڃڻ، انسان کي بک لڳڻ، ماني کائڻ سان پيٽ جو ڀرجي وڃڻ، اڃ لڳڻ وري پاڻي پيئڻ سان اڃ ختم ٿي وڃڻ، ڌڪ لڳڻ سان سور ٿيڻ، زخم مان رت وهڻ، جنسي عمل سان ٻار ٿيڻ، ٻار جو نر يا مادي ٿيڻ اهڙن سڀني لقائن جي پٺيان هڪ خاص قسم جو قائدو قانون هوندو آهي جنهن کي فطرت جو قانون چيو ويندو آهي.
شريعت: اوائلي دور کان ماڻهن کي زندگي گذارڻ جا رنگ ڍنگ، طور طريقا سيکارڻ لاءِ مختلف دورن ۾ مختلف هنڌن تي مختلف مذهب وقوع پذير ٿيا جن انسان کي سٺو ٿي سليقي سان رهڻ، پاڻ ۾ ميٺ محبت ڀائپي سان گڏ گذارڻ سمجهايو. انهن مذهبن مان ڪجهه مذهبن کي سندن بنياد وجهندڙن ۽ تن جي پوئلڳن آسماني مذهب ڪوٺيو ته ڪن کي ڌرتي جا مذهب چيو وڃي ٿو.دنيا جي تاريخ ۾ اڻڳڻيا ننڍا وڏا مذهب نمودار ٿيا، جيڪي يا ته وقت جي ستمگري سان ختم ٿي ويا يا وري نون ٻين مذهبن ۾ پنهنجي بقا ڳولي لڌي. جملي مذهبن جون بنيادي سمجهاڻيون، انهن جون هدايتون ان ئي ڳالهه تي رهيون آهن ته هن دنيا ۾ انسان بهتر کان بهتر انداز ۾ پنهنجو جيون گهاري سگهي. انهن مذهبن مختلف دورن تي مختلف سماجن ۾ انقلاب برپا ڪيا ۽ ماڻهن جي سماجي زندگي تي وڏا اثر انداز ٿيا. مذهبن جي اهڙن قائدن قانونن کي شريعت چئجي ٿو.
دنياوي قانون؛ ٻين جاندارن جي ڀيٽ ۾ انسان ذات کي ڪجهه خاص وصفون عطا ٿيل آهن جن جي بنياد تي انسان ڌرتي تي رهندڙ جملي مخلوقن کان سوايو آهي. انسان کي عقلي ڏات مليل هجڻ ڪري هي پنهنجي توڙي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گذاريل زندگي مان سبق سکي ٿو، پاڻ سان توڙي پاڻ کان اڳ ۾ گذاريل انسانن جي تجربن ۾ مشاهدن کي گڏ ڪري لکي ٿو، جنهن کي هو تاريخ چوي ٿو، هو تاريخ مان گهڻو ڪجهه سکي وري زندگي جي انهن اخذ ڪيل نتيجن مان ڀلين شين، مفيد ڳالهين کي هٿ ڪري، پنهنجي لاءِ جيڪي مضر ڪم آهن جيڪي نقصاده عمل آهن، انهن مان جان ڇڏائي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهڙي طرح زندگي جي گاڏي کي اڳتي ڌڪيندو رهي ٿو. انسان جي زندگي جي وهنوار کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ انسان کي ڪجهه طور طريقا اپنائڻا پيا، ڪي قانون جوڙڻا پيا، زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ انسان کي شعبا بندي ڪرڻي پئي، انهن شعبن هلائڻ لاءِ وري قانون جوڙڻا پيا. ساڳي طرح سان انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ جزا ۽ سزا جو تصور قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح سان انسان پنهنجي پوري زندگي جي ڍانچي کي سنڀالڻ لاءِ ننڊڙي کان ننڍڙي قانون کان وٺي وڏي ۾ وڏا عالمي قائدا قانون جوڙيا آهن جن کي انسان جو پنهنجو بڻايل جوڙيل جهان سڏي ٿو.
مٿي بيان ڪيل جملي قانونن جبلتن، شريعتن توڙي انساني جوڙيل دنيائي قانونن جو جيڪڏهن تقابلي جائزو وٺندا سين ته خبر پوندي فطرت جو قانون سڀني کان مٿاهون ۽ ڀاري نظرايندو.فطرت جو قانون سڌو، سخت ۽ بغير ڪنهن لچڪ جي هوندو آهي، فطرت جي قانون ۾ نه ڪا اڳ ۾ ڪوتاهي هئي ۽ نه ئي هاڻي آهي. ڪوئي مڃي يا نه مڃي، فطرت زور زبردستي سان پنهنجا قانون مڃائيندي رهي ٿي. اها انسان توڙي جملي هر مخلوق کي پنهنجي رحم و ڪرم مطابق هلائيندي رهي ٿي. شريعت توڙي انساني قانونن ۾ رحم ٿي سگهي ٿو، انهن قانونن ۾ گنجائش ٿي سگهي ٿي، انهن قانون جي پيچيدگين توڙي ڪمين پيشين جي ڪري گناهگار بچي سگهي ٿو پر فطرت جي قانون ۾ ڪا معافي ناهي، جيڪو ڪندئو، اهو لوڙڻو پوندو. اهو ممڪن ئي ناهي ته انسان ڪنڊا پوکي ۽ ان مان هن کي گل پلئه پون. بارود ٺاهيندو ته تباهي هن جو مقدر بڻجندي، زمين تي فساد پکيڙيندو ته زمين تي خونريزي قائم ٿي، ماتم ٿيندو، مقتل سجندو، ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته انسان ٻئي کي قتل ڪري پاڻ زندهه رهي سگهي، ضرور فطرت جي هٿان هڪ نه هڪ ڏينهن مرندو، ان کي به ائين ذليل و خوار ڪري بيدردي سان ماريو ويندو. قانون تي عمل نه ڪندئو ته انارڪي پيدا ٿيندي، لاقانونيت پيدا ٿيندي ۽ ڦري گهري توهان پاڻ ئي ان لاقانيت جو شڪاربڻجندئو..
اهي شريعتون اهي سڀئي قانون مٽجي ميسارجي ويا جن فطرت اڳيان سر خم نه ڪيو، اهي شريعتون مٽجي ميسارجي ويون جيڪي فطرت جي آڏو مقابلي ۾ آيون، انهن قانونن جي تڏا ويڙه ٿي وئي جن فطرت سان مهاڏو اٽڪايو.اهو فطرت کي پسند ئي ناهي ته ڪائي مخلوق سندس اڳيان مدمقابل ٿئي. ڀلي توهان کي فطرت جو قانون وڻي نه وڻي پر توهان کي ان کي هر حال ۾ مڃڻو ئي مڃڻو آهي. ڀلي فطرت جا قانون توهان جي مرضي جي مخالف هجن پوءِ به هر صورت ۾ توهان کي فطرت جي اڳيان جهڪڻو پوندو. جيڪو فطرت سان ٽڪراءُ ۾ آيو اهو ختم ٿي ويو، ان کي تباهي ۽ بربادي کان ڪوئي روڪي نه ٿو سگهي جيڪو فطرت سان هٿ چراند ٿو ڪري. تاريخ گواهه آهي، جن تهذيبن، جن مذهبن فطرت سان کئونس ڪئي، اڄ انهن جو ڪٿي نانء نشان به نظر نه ٿو اچي.هن ڪائنات ۾ هڪ اڻڏٺو مقابلو هلندو پيو اچي، تنهنڪري هن مقابلي ۾ اهو ئي کٽيندو جيڪو فطرت جي وهڪري ۾ وهندو رهندو، پر جنهن سرڪشي ڪئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي تبديل نه ڪيو، جنهن پنهنجي پاڻ ۾ ڦيرگهير نه آندي، دنيا ۾ اهو عبرت جو مقام بڻجي ويو.اهي شريعتون اڄڪلهه ڳوليون نه ٿيون لڀجن، جن فطرت جي قانونن سان سرڪشي ڪئي، اهي تهذيبون عجائب گهرن جي زينت بڻيون پيون آهن، جن فطرت جي بي رحم اصولن کي نه مڃيو..هن ڪائانت ۾ اهو ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو جيڪو فطرت جي وهڪري ۾ ساڻس گڏ هلندو رهي. هن دنيا ۾ اهو ئي پنهنجو پاڻ زندهه رکي سگهي ٿو جيڪو پاڻ کي ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ڪري سگهي. اهي وڻ ئي وڍجي ويندا آهن جيڪي سڪي سڙي ويندا آهن،ميلا انهن وڻن هيٺان متل هوندا آهن جيڪي گهاٽا ڇانوري وارا ۽ ميويدار هوندا آهن. اهي جانور ئي ماريا ويندا آهن جيڪي مالڪ جي ڪم جا ناهن رهندا. صرف اهي جاندار ئي پاڻ کي زندهه رکي سگهندا آهن جيڪي پنهنجي وجود کي ڪم لائق ثابت ڪري سگهن. جيڪي جانور ڪنهن به فاعدي جا نه هئا اهي ڊائنوسار هئا جن جو وجود هن ڌرتي تان هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي. فطرت سستي توڙي ڪاهلي کي مور نه ٿي معاف ڪري. جيڪي ڪاهل رهيا اهي ڏاڍو پٺتي رهجي ويا. ڇوته زمانو ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. زماني کي اڳيان وڌڻو ئي آهي، تنهنڪري توهان ۾ ايترو دم آهي ۽ زماني سان قدم قدم سان ملائي هلي سگهڻ جي همٿ اٿو ته پوءِ اٿي پئو ۽ زماني سان هلندا هلو، پر ياد رکو. جڏهن توهان ٿاٻڙيا، ڪِريا ته يقين ڄاڻو توهان زماني جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي چيٿاڙجي ويندئو. هن دنيا ۾ زندهه رهڻو آهي ته پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجي دامن کي وسيع بڻائڻو پوندو. دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کي کليل دل سان قبولڻو پوندو، ٻي صورت ۾ فطرت کي ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو هوندو اها ڪري ويندي پر پوءِ اسان کي پنهنجي وجود تان هٿ ڌوئڻا پوندا. ڇوته فطرت ۾ غفلت جي ڪائي مهلت ناهي، جن غفلت ڪئي انهن جو خاتمو ٿيو، ڇوته غفلت جي سزا موت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *