فقط مڪالمو ئي پوري سچ تائين وٺي وڃي ٿو

                 اسان وٽ موجود ساڄي ڌر جا صالحين هجن، ديندار هجن يا وري فتوائن جا خوانچا سجائي بيٺل گهٽي پاڙي جا پيش نماز – اهي سڀ لٺ کڻي سڄي دنيا جي نظرين جي پنهنجي وس آهر “خدمت” ڪندا رهن ٿا. انهن سڀني جي گڏيل پڌرائي هميشه اها ئي هوندي آهي ته فلاڻو نظريو؟ اهو ته بلڪل فراڊ هو. توهان ڏٺو ناهي ته ان نظريي جو ڇا حال ٿيو! دليلن جي ڪچن پچن جذباتي اندازن ۽ هڪ طرفي ٽريفڪ مان ظاهر آهي ته هتي ڪنهن حادثي جو خطرو ڪونهي، تنهنڪري جيڪو دل ۾ اچي، سو چئي ٿا ڇڏين. نظرين جي ڪاميابي يا ناڪامي تي تحمل واري انداز ۾ مڪالمو ڪرڻ جو حوصلو هنن وٽ آهي ئي ڪونه، سو هر ڪو اوڳو اڦٽ مار پنهنجو وکر وڪڻندو پيو گهمي. فقير راحمون چيو ٿو ته، “جواب ڏيڻ جي آزاديءَ تي ڪفر جي مهر هنئي وڃي ٿي ته جيئن ديندارن جو ڀرم قائم رهي.” (تمهيد ڊگهي ٿي رهي آهي، تنهنڪري معذرت). عرض فقط ايترو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نظريي جي ناڪامي، نظرياتي بنيادن تي قائم رياست ۽ نظام جي عمارتن جي تاريخ حوالي ٿيڻ ۾ آهي، ته پوءِ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين جيتريون به نظرين جي بنيادن تي رياستن ۽ نظامن جون عمارتون اڏيون ويون، سڀ تاريخ جو رزق بڻجي ويون. مستقل ۽ مسلسل ڪا به قائم نه رهي، سواءِ ان جي جو تحقيق نون جهانن جا در کوليندي رهي ۽ انسان مهذب معاشري جي جوڙجڪ سان گڏ ٻين معاملن بابت قانون سازي ڪندو آيو آهي۔

مان هرگز اهو نٿو چوان ته نظريو مستقل نه هوندو آهي، البته جيڪڏهن نظريي جي بنياد تي قائم نظام، رياست ۽ انتظام – ٽيئي اعتدال ۽ وچٿرائيءَ جي حسن کان محروم ٿي وڃن، ته پوءِ انهن لاءِ پنهنجو وجود برقرار رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي۔ مذهب جي ڪُک مان جنم وٺندڙ سياسي، معاشي ۽ حڪومت سازيءَ جي نظرين کي ته هميشه هڪ خاص قسم جي تقدس جي چادر اوڍائي ويندي آهي، تنهنڪري انهن جي ڪاميابي يا ناڪامي جو تجزيو ڪرڻ وارن جي جان جوکي ۾ پئجي ويندي آهي۔ سبب اهو ئي آهي ته مذهب جيتوڻيڪ ذات جي پاڪائيءَ کي پهريون شرط قرار ڏين ٿا، پر مذهبي اڳواڻ ان جي جاءِ تي انڌي تقليد کي فروغ ڏئي هڪ خاص قسم جو ماحول ٺاهي ڇڏين ٿا۔ بنيادي طور هن اوگڻ جا ٻه نقصان آهن: پهريون هي ته فڪري ارتقا جو رستو رُڪجي وڃي ٿو، ۽ ٻيو ته هڪ خاص قسم جي تنگ نظريءَ جي باھ وسندين کي ساڙڻ شروع ڪري ٿي۔

ڪؤڙي ڪساري ڳالهه – ٻين لفظن ۾ ائين چئو ته تاريخ جو ڪؤڙو سچ هيءَ آهي ته ڪو به نظريو ڪڏهن به هن گرهه تي رهندڙ سمورن انسانن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو آهي۔ معاف ڪجو، ان ۾ نظرين جو يا نظرين جي خام مال سان ٺاهيل معاشرتي نظامن جو ڪو قصور نه هوندو آهي؛ زوال جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي اعتدال جي حسن کي نظرانداز ڪري ظالماڻي روش اختيار ڪري وٺن ٿا، ۽ مساوات جي نالي تي ان تي طبقاتي اجاره داري قائم ڪري ڇڏين ٿا۔ ارتقا کي ذاتي اقتدار لاءِ زهرِ قاتل سمجهن ٿا ۽ نظرين تي حرف به حرف عمل ڪرڻ بدران “جيڪو اسان چيو، اهو ئي انسان جو مقدر آهي” وارو وکر وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته اهڙي سوچ تي قائم نظريو ۽ نظام ناڪام ڇو ٿيا؟ ۽ اها ناڪامي فقط هڪ ڀيرو نه، پر بار بار ٿي. اهو ئي تاريخ جو سچ آهي۔ پر ستم ظريفي اها آهي ته انهن ناڪامين جو ٿڌي دل سان ڇيد ڪرڻ بدران سڄو ملبو يهود و نصاريٰ تي وجهي فڪري عياشي جو دروازو کوليو وڃي ٿو۔ اها ئي فڪري عياشي آهي ته ناڪامين جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏيئي عقيدي تي پختي ويساهه کي اوسر ڏني وڃي؛ نه ته هڪ عام طالب علم به ڄاڻي ٿو ته تحقيق ارتقا ۽ تبديليءَ جي رستي روڪ ڪرڻ سان به روڪي نٿي سگهجي۔

جيڪڏهن وقت سان گڏ ضرورتن جو ادراڪ نه ڪيو وڃي، ته پوءِ گهري گونج ۾ سنها سرٻاٽ ڪير به ڪونه ٻُڌندو. ستم هيءَ آهي ته جڏهن سوال ڪيو وڃي ٿو ته ٻانهون کُنجهي، وات مان گڦ ڪڍندي سوال ڪندڙ جي سر جا ويري بڻجي ٿا وڃن۔ حالانڪه سندن انهيءَ ردعمل ۾ ئي اصل جواب سمايل هوندو آهي، ۽ اهو هيءُ ته نظامن جو زوال فردن جي ڪوتاهين جو نتيجو هوندو آهي، ان جي ذميواري نظرئي جي مٿان نٿي ٿاڦي سگهجي۔ الميو اهو آهي ته رياستي نظام هلائيندڙن جي ذات جي چوڌاريءَ تقدس جو ليڪو ڪڍي ڇڏبو آهي، حالانڪه اقتدار ڌڻين جي حڪمرانيءَ جي انداز بابت شائسته نموني ڳالهائڻ نه ڪو ڏوهه آهي، نه ئي ڪفر۔

مون کي احساس آهي ته اهو هڪ بنهه رُکو ۽ خشڪ موضوع آهي؛ اخبارن لاءِ لکيل عام ڪالمن وانگر هن ۾ مرچ مصالا وجهڻ جي ڪا گنجائش ناهي۔ پر ڇا ٿيو؟ ڇا ان ٿوري ڳالهه تي ڳالهه بدلائي ڇڏجي؟ منهنجو جواب نهڪر ۾ آهي۔ سبب فقط اهو آهي ته مان ڪنهن به حڪومتي نظام جي ناڪاميءَ کي نظريي جي ناڪامي نٿو سمجهان، بلڪه هن خيال جو حامي آهيان ته تجزيو اهو ٿيڻ گهرجي ته زوال جي شروعات ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي؟ ذميوار ڪير آهي؟ ۽ ظاهر آهي ته ذميواري انهن ئي تي عائد ٿيندي، جيڪي نظام هلائي رهيا هوندا۔

اڀاڳ اهو آهي ته تجزيو ڪندي اسين اهو وساري ويهون ٿا ته تعميري حُسن کان خالي مڪالمو آخر ذهني وسعت ڪهڙي ڏئي سگهي ٿو؟ اسان جا صالحين ۽ هر قسم جا ديندار، جيڪي مذهبي رياست کي انسانيت لاءِ مڪمل نجات طور پيش ڪندا آهن، هندن، عيسائين ۽ يهودين کي مذهبي رياست قائم ڪرڻ جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪندا آهن ۽ دليل ڏيندا آهن ته پوءِ انهن رياستن ۾ رهندڙ ٻين مذهبن جي ماڻهن جو حال ۽ مستقبل ڇا ٿيندو؟ مثال طور، اسان وٽ، ڀارتي جنتا پارٽي يا راشٽريه سيوڪ سنگھ جهڙي انتهاپسند سوچ رکندڙ ڪجهه جماعتون ڀارت کي هڪ سيڪيولر رياست طور ڏسڻ چاهين ٿيون، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ سيڪيولر نظرين کي لاديني، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن بي مهار مادر پدر آزادي طور پيش ڪيو ويندو آهي۔ يعني جيڪو ڀارت لاءِ حلال آهي، اهو اسان لاءِ حرام! اها عجيب منطق آهي ۽ ان کان به وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته اهي ماڻهو هن حقيقت کي مڃڻ کان ئي انڪاري آهن ته اديان (دين) جي تعليمات جي روح کي سمجهڻ بنا، مذهبن جي نالي تي جيڪا تعليم اهي ڏين ٿا، اها فساد وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي۔ وڏو اتساهه سان اها دعوا ڪئي ويندو آهي ته سوشلزم ناڪام ٿيو ۽ هاڻ سرمائيداري جو جنازو کڄڻ وارو آهي۔ جيڪڏهن هٿ ٻڌي ادب سان پڇيو وڃي ته ڇا اموي، عباسي، فاطمي ۽ عثماني خلافتن جي زوال کي اسلام جي ناڪامي سمجهي سگهجي ٿو؟ مون کي يقين آهي ته هن سوال تي “سر تن کان جدا” جا نعرا رُڪجندا ئي ڪونه۔

پڇاڙڪن لفظن طور فقط ايترو چئجي ته هر ڪنهن کي پنهنجن نظرين جي حق ۾ دليلن جي عمارت کڙي ڪرڻ جو حق آهي، پر دليل ڏيندي پنهنجي تاريخ جي سانحن، حڪمرانن جي غلطيَن ۽ انڌي تقليد جي جنون جو ڪاروبار ڪندڙن جي پيدا ڪيل مسئلن کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي۔ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته، دلين جي وسعت ويچار ونڊڻ سان مشروط آهي۔

دريا وهندا رهن ته ماحول لاءِ فائديمند ٿين ٿا، پر بيٺل پاڻي هڪ ڏينهن ماحول لاءِ بار بڻجي ويندو آهي۔ بلڪل اهڙي طرح، ڇا اها حقيقت ناهي ته فڪري ارتقا کي انڌي تقليد جي لٺين سان جن به سٽ ڪُٽ ڪئي، سي پنهنجن پنهنجن دينن جي ڦهلاءَ جي ذميواري جو سودو سر ۾ سمائي هلندڙ مذهبي رهنما ئي هئا؟ انهن جي پٺڀرائي اقتدار تي گڏيل شراڪت سان قابض حڪمرانن ڪئي۔ ٻئي پاسي، سماجي ۽ معاشي ارتقا لاءِ اهو نظريو پيش ڪندڙن جا جانشين، جن جو خيال هو ته اديان (دين) جو حڪومتي نظام سان ڪو به سڌو لاڳاپو نٿو ٺهي – اهي به اعتدال ۽ وچٿرائيءَ کان محروم رهيا۔

اسان سمجهون ٿا ته، نظرئي جي ناڪاميءَ تي طعنو هڻڻ ۾ احتياط جي ضرورت ان ڪري به آهي جو انهن سڀني نظامن ۾، چاهي اهي انسان ٺاهيا يا اديان (دين) جي ڪُک مان ڪڍيا ويا هجن، انهن جي ناڪامي بنيادي فڪر کان وٿيرڪي ٿيڻ جي ڪري ٿي۔ خاص طور تي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ان ڪري ممڪن ٿيو جو پنهنجي ڪرت ۽ پرڪارن کي حرفِ آخر طور پيش ڪيو ويو۔ حالانڪه ارتقا جو رستو روڪڻ سان بدحالي ۽ تباهيءَ جو ئي عروج ٿيندو آهي۔ منهنجي راءِ موجب، اهو خيال ئي بيوقوفي آهي ته فلاڻو نظريو فقط ان ڪري ناڪام ٿيو جو اهو هيڻو ۽ غيرجٽادار هو۔ سوال اهو آهي ته انهيءَ ئي اصول تي انهن نظامن بابت ڳالهه ڇو نٿي ڪري سگهجي، جن کي دائمي قرار ڏيڻ لاءِ دليل گهڙيا ويا؟ سو اهو منطق ئي فضول آهي ته فلاڻي نظرئي مان جوڙيل نظام وقت جي ٺوڪرن ۾ ان ڪري آيو جو اهو انساني سماج جي ضرورت پوري ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويو هو۔

هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي ته اديان ۽ سياسي نظرين جي ڪُک مان تخليق ڪيل نظامن جي ناڪامي جو ڇيد ضرور ٿيڻ گهرجي۔ تڏهن ئي ته اسان حاصل ٿيندڙ جوابن جي روشني ۾ نوان جهان ڳولي سگهنداسين ۽ اهڙو نظام جوڙي سگهنداسين، جيڪو برابريءَ تي قائم هجي ۽ جبر، استحصال ۽ اُن طبقاتي نظام جي خاتمي جي نينڍ ڏئي، جنهن کي هر قسم جي پاپائيت رزق فراهم ڪندي آهي۔