| فقيرن کي پنائڻ لاءِ ٺيڪيدار آهن، ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا: خواجه آصف |
سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب کان ماڻهو هتي اچي پنڻ جو ڌنڌو ڪن ٿا، انتظاميا ۽ پوليس جي ڪارروائي سان پنڻ جي ڪاروبار ۾ گهٽتائي آئي آهي پر اڃا به ماڻهو خيرات گهرندي نظر اچن ٿا، جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنڻ هڪ پيشو بڻجي چڪو آهي، پنڻ جو ڪاروبار ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪري رهيو آهي، پنائڻ لاءِ هاڻي باقاعده ٺيڪيدار موجود به آهن، ٺيڪيدار ٻارڙن، عورتن ۽ جعلي معذورن کي ڀرتي ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن، ٺيڪيدار پينو فقيرن کي هزارن جي تعداد ۾ نار جي ملڪن ۾ اماڻي رهيا آهن، پينو فقيرن جي ڪري نار جي ملڪن اسان جي ويزا بند ڪري ڇڏي