فقيرن ۽ پنندڙن کي پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو ويندو: گهرو وزير

فقيرن ۽ پنندڙن کي پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو ويندو: گهرو وزير

لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جو دورو ڪيو جتي انهن پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي اميگريشن عمل جو تفصيلي جائزو ورتو. انهي موقعي تي وزيرن اميگريشن ڪائونٽرز تي وڃي عملي جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو ۽ مسافرن سان ڳالهيون ڪندي اميگريشن مرحلي بابت آگاهي حاصل ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اميگريشن ڪائونٽر تي مقرر ايف آءِ اي اهلڪار جي بهتر ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي انهن کي شاباش ڏني ۽ سندن حوصله افزائي ڪئي. دوري جي دوران هڪ مسافر چيڪنگ ۾ دير سبب بورڊنگ بند ٿيڻ جي شڪايت ڪئي جنهن تي گهرو وزير فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي ڪويت ويندڙ مسافر جي بورڊنگ ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا. مسافرن ڳالهين جي دوران ٻڌايو ته ڪجهه منٽن ۾ اميگريشن جو عمل مڪمل ٿي رهيو آهي جيڪا خوشي جوڳي ڳالهه آهي. انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي عزت ۽ مسافرن جي سهوليت اسان جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي. ڪنهن به مسافر کي بنا جواز سفر کان نه روڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پيشه ور فقيرن يا اڻ مڪمل دستاويز رکندڙن کي پرڏيهي ملڪن جي سفر جي اجازت نٿي ڏئي سگهي پاڪستان جي بدنامي جو سبب بنجندڙن جي جڳهه جيل آهي. هن اميگريشن نظام کي وڌيڪ موثر شفاف ۽ مسافرن جي لاءِ سهولت جوڳو بنائڻ جي هدايت به جاري ڪئي. انهي موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاهور علي ضياءَ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايئرپورٽ اويس به موجود هئا.