| فلسطينين جي غزه مان خاموشي سان بيدخلي، اسرائيل جهاز ڀري آفريڪا اماڻي ڇڏيو |
غزه(م ڊ) اسرائيل غزه مان فلسطينين کي منتقل ڪرڻ لاءِ نوان حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اسرائيلي فوج جي سهولت سان، ايجنٽن فلسطينين کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. غزه کان ڏکڻ آفريڪا فلسطينين جي چارٽر جهاز جي آمد هڪ راز بڻجي وئي آهي. الجزيره جي مطابق 153 فلسطينين کي نشان ڪيل پيلي لائن پار ڪرڻ لاءِ بس ذريعي کڻي ويا، جتان انهن کي ڏکڻ اسرائيل جي هڪ هوائي اڏي کان چارٽر جهاز ذريعي ڏکڻ آفريڪا پهچايو ويو. اسرائيلي فوج اڳ ۾ پيلي لائن پار ڪرڻ تي 100 کان وڌيڪ فلسطينين کي ماري چڪي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب اختياريون پريشان هيون، جڏهن فلسطينين جوهانسبرگ پهتا. دستاويزن ۽ معلومات کان سواءِ پهچڻ کان پوءِ 12 ڪلاڪن تائين فلسطينين کي جهاز مان لهڻ جي اجازت نه ڏني وئي. برطانوي اخبار غزه لاءِ آمريڪا جي نئين خوفناڪ منصوبي کي بي نقاب ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي صدر جو چوڻ آهي ته هڪ مقامي خيراتي اداري جي مداخلت کان پوءِ انهن کي رحم جي ڪري جهاز مان لهڻ جي اجازت ڏني وئي، پر معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. اسرائيلي فوج جو دعويٰ آهي ته فلسطينين کي ٽئين ملڪ جي يقين دهاني کان پوءِ غزه ڇڏڻ جي اجازت ڏني وئي. فلسطيني اختيارين موجب، مختلف ايجنسيون اسرائيلي فوج جي سهولت سان غزه کان فلسطينين کي مختلف ملڪن ڏانهن منتقل ڪري رهيون آهن. انهن کان محتاط رهو.