فلسطيني باغين جي حملي ۾ 7 اسرائيلي فوجي مارجي ويا
جُون 25, 2025
غزه (پنهنجي ڊيسڪ ) غزه ۾ فلسطيني باغين جي حملي ۾ ست اسرائيلي فوجي مارجي ويا.
اسرائيلي ميڊيا موجب، مزاحمتي ويڙهاڪن اڳ ۾ ئي ان هنڌ تي ڌماڪيدار مادو نصب ڪري ڇڏيو هو جتان اسرائيلي فوجين کي گذرڻو هو ۽ جڏهن اسرائيلي فوج جي هڪ بکتر بند گاڏي ڌماڪيدار مادو سان ٽڪرائجي وئي ته هڪ ڌماڪو ٿيو .
فوجين کي ڪالهه ڏکڻ غزه ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سڀئي مارجي ويل فوجي انجنيئرنگ بٽالين سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته مارجي ويل فوجين جي عمر 19 کان 21 سالن جي وچ ۾ آهي.
رپورٽ موجب اڱاري ڏينهن ڏکڻ غزه ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي زخمي پڻ ٿيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب فوج غزه ۾ مارجي ويلن مان ڇهن فوجين جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي آهي پر هڪ فوجي جي سڃاڻپ اڃا تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي.