| فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضا روڪيا وڃن: 8 مسلمان ملڪ |
ابوظهبي/اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، گڏيل عرب امارات، قطر، اردن، انڊونيشيا ۽ مصر اسرائيل جي والاريل فلسطيني علائقن ۾ غيرقانوني آبادڪاري جي پاليسي جي سخت مذمت ڪندي اوڀر يروشلم ۾ آبادڪاري منصوبي کي فوري طور روڪڻ ۽ ان تحت کنيل سمورا قدم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اٺن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته E1 منصوبو فلسطيني علائقن جي جاگرافيائي ڳانڍاپي کي سخت متاثر ڪندو، خاص طور اولهه ڪناري ۽ اوڀر يروشلم وچ ۾ رابطي کي نقصان پهچائيندو، جنهن سان 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي آزاد ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل فلسطيني رياست جي قيام جون راهون وڌيڪ ڏکيون ٿينديون. گڏيل بيان ۾ اسرائيلي قبضي هيٺ آبادڪارن طرفان فلسطيني عوام ۽ سندن ملڪيتن خلاف ٿيندڙ تشدد ۽ ڀڃڪڙين جي پڻ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اهڙا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي ڀڃڪڙي آهن، جيڪي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي رهيا آهن. پرڏيهي وزيرن خبردار ڪيو ته E1 منصوبو اسرائيلي آبادڪاري کي وڌائڻ ۽ والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ جي عمل کي اڳتي وڌائيندو، جنهن سان فلسطيني رياست جي قيام جا امڪان وڌيڪ ڪمزور ٿيندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون امن لاءِ جاري عالمي ڪوششن کي سڌو چئلينج ڪن ٿيون، جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو امن منصوبو پڻ شامل آهي، جنهن ۾ والاريل علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي زبردستي لڏائڻ کي رد ڪيو ويو آهي.