فلسطين تي اسرائيل جا وڌيڪ حملا، وڌيڪ 3 ڄڻا شهيد

فلسطين تي اسرائيل جا وڌيڪ حملا، وڌيڪ 3 ڄڻا شهيد

غزه/اولهندو ڪنارو (م ڊ) اسرائيلي حملن ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا اولهندي ڪناري ۾ شهيد نينگر جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جمعي تي غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيدن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 3 ٿي ويو آهي. طبي عملي ۽ شاهدن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ غزه شهر ۾ هڪ ڳتيل علائقي کي نشانو بڻايو ويو، هڪ جڳهه جي ويجهو جتي پوليس هڪ بينڪ جي حفاظت لاءِ مقرر هئي. غزه جي گهرو وزارت چيو ته حملي ۾ پوليس کي نشانو بڻايو ويو. جنگ بندي تي اتفاق ٿيڻ باوجود غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جاري آهي. ٻئي طرف اسرائيل جي هٿان مارجي ويل ٻار يوسف سامح عبدالرؤف اشتيه کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي جو جلوس نابلس اسپيشلائيزڊ اسپتال کان سندس اباڻي شهر تال ڏانهن ويو، جتي کيس دفن ڪرڻ کان اڳ دعا گهري وئي. هڪ ڏينهن اڳ جڏهن اسرائيلي فوجن نابلس جي رفيديا پاڙي تي حملو ڪيو ۽ بيت وازان علائقي ۾ گولي بارود سان فائرنگ ڪئي ته هو شهيد ٿيو هوٻارڙي جي  استاد به ان کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو هن لکيو خدا جي رحمت توهان تي هجي… توهان شهيدن ۽ نيڪ ماڻهن ۾ ‘اعليٰ درجو’ حاصل ڪيو آهي، خدا جي مرضي. اسان جو زنده شهيد… ابديت جي باغن ڏانهن.