اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فلسطين جي شهري آبادين کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي آهي، عالمي برادري اسرائيلي فوج جي ظلم کي همٿائڻ کان پاسو ڪري
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان فلسطيني سفير احمد جواد ملاقات ڪئي ان موقعي تي فوجي سربراهه فلسطينين جي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطينين کان غزه خالي ڪرائڻ انسانيت خلاف ڏوهن جي عڪاسي آهي
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير اسرائيلي فوج پاران شهري آبادين کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته معصوم فلسطينين جو قتل، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تي اسرائيلي فوج جا حملا ڳڻتي جوڳا آهن
سندس چوڻ هو ته عالمي برادري اسرائيلي فوج جي ظلم کي همٿائڻ کان پاسو ڪري، اسرائيل جي خود غرضي ۽ تنگ نظري تحت ظلم ڪيو پيو وڃي