فلسطين لاءِ دنيا جاڳي پئي، گادي وارن شهرن ۾ لکين ماڻهن جا مظاهرا، نيتن ياهو جي گهر ٻاهران به احتجاج

نومبر 6, 2023

ڪراچي (م ڊ) فلسطين لاءِ دنيا جاڳي پئي، گادي وارن شهرن ۾ لکين ماڻهن جا مظاهرا،  اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي گهر ٻاهران به تاريخي احتجاج، استعيفا جو مطالبو، مظاهرين اسرائيلي ظلم بند ڪرائڻ جي گهر ڪئي. عالمي ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فوج جي وحشياڻين ڪارروائين ۽ آمريڪي صدر جو بائڊن جي پاليسي خلاف واشنگٽن ۾ تاريخي احتجاج، آمريڪا جي هڪ لک کان وڌيڪ شهرين پاران وائيٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي، آمريڪا جو گادي وارو شهر فلسطينين جي حق ۾ نعرن سان گونجي اٿيو، مظاهرين نعرا هنيا ته جنگبندي نه ته ووٽ به نه، بائيڊن تون لڪي نٿو سگهين، وائيٽ هائوس ٻاهران فلسطينين جي حق ۾ هيل تائين جو اهو سڀ کان وڏو احتجاجي مظاهرو هو، مظاهرين چيو ته غزه ۾ معصوم فلسطيني ٻارن جي قتلام تي خاموش نه ويهنداسين، اسرائيل جي حمايت ڪندڙ آمريڪي صدر جو بائڊن جا هٿ به فلسطينين جي خون سان رنگيل آهن، صدر جو بائڊن کي لڪڻ نه ڏينداسين، عزه ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي. نيويارڪ ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسرائيل ۾ مظاهرين والاريل بيت المقدس ۾ رنڊڪون ٽوڙي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه پهچي ويا، مظاهرين وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪيو.  لنڊن جي ٽرافلگر اسڪوائر تي به اسرائيل خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويو، غزه ۾ فلسطينين تي اسرائيلي بمباري فوري طور بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، برلن، اوسلو، بيونس آئرس سوڌو دنيا ۾ گادي وارن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، آسٽريليا، ٿائلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، ايران، قطر ۽ عراق ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، ارجنٽينا، چلي ۽ وينزويلا ۾ به احتجاج ٿيو، انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، 2ملين مارچ جو سڏ ڏنو ويو هو.

Leave A Comment