فلسطين ۽ اسرائيل ۾ نئين جنگ شروع: راڪيٽ حملن ۾ 200 اسرائيلي مارجي ويا، 7 سئو زخمي:230 فلسطيني شهيد

آڪٽوبر 7, 2023

تل ابيب(پنهنجي ڊيسڪ) فلسطين ۽ اسرائيل ۾ نئين جنگ شروع ٿي وئي، راڪيٽ حملن ۾ 200 اسرائيلي مارجي ويا، 7 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اسرائيل جي جوابي حملن ۾ 230 فلسطيني شهيد ٿي ويا، فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس ڏکڻ اسرائيل ۾ داخل ٿيڻ بعد چڪريون جاري آهن

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اڄ صبح غزه مان اسرائيل تي 5 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن بعد فلسطين ۽ اسرائيل ۾ نئين جنگ تيز ٿي وئي

فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس پاران اسرائيل تي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملا ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ يهودي فوجين سميت 200 اسرائيلي مارجي ويا جڏهن ته 700 کان وڌيڪ زخمي آهن

پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي ويڙهاڪن ڪيترائي اسرائيلي فوجي يرغمال بڻائي ورتا آهن جڏهن ته اسرائيل پاران به غزه تي جوابي حملا ڪيا پيا وڃن

آمريڪي ميڊيا موجب حماس جي فوجي ونگ اسرائيل خالف آپريشن الاقصيٰ طوفان جو اعلان ڪندي اڄ صبح 5 هزار راڪيٽ فائر ڪيا

ٻئي طرف حماس حملن جي ذميواري قبوليندي چيو آهي ته اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن، فلسطيني راڪيٽ حملن ۾ اسرائيل جي شهر اشڪيلون ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي باهه لڳي وئي

 حماس جي ويڙهاڪن اسرائيلي فوج جي ٽينڪن تي قبضو ڪري ڪمانڊر سميت ڪيترن ئي فوجين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي

 اسرائيل پاران به غزه تي جوابي حملا شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 230 فلسطيني شهيد ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن اسرائيلي ميڊيا موجب غزه ۾ حماس جي ٺڪاڻن تي ٽارگيٽڊ حملا ڪيا پيا وڃن، نيتن ياهو حڪومت سڄي اسرائيل ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آهي

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسان حالتِ جنگ ۾ آهيون، اسرائيل جارحيت خلاف ڪاميابي ماڻيندو

هوڏانهن فلسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته اسرائيل ۽ ان جي جارحيت خلاف دفاع ڪرڻ جو اسان کي حق آهي

Leave A Comment