| فلمساز ڪرسٽوفر نولان جي اجرڪ جي ٽائي ڌم مچائي ڇڏي |
نيويارڪ (م ڊ) هالي ووڊ فلمساز ڪرسٽوفر نولان نئين فلم دي اوڊيسي جي نيويارڪ پريميئر ۾ سنڌي اجرڪ جي ٽائي لڳائي شريڪ ٿيو جنهن سان سندس لباس ڌيان جومرڪز بڻجي ويو. سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي ۽ عالمي سطح تي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هي خاص ٽائي پارسن اسڪول آف ڊيزائن جي شاگرد آهان ٽنڊن پاران ڊزائين ڪئي وئي هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرسٽوفر نولان پنهنجي فلم جي پروموشنل مهم لاءِ هندستان ويو هو، جتي فلم جا مکيه اداڪار ميٽ ڊيمن ۽ ٽام هالينڊ پڻ ساڻس گڏ هئا. هي هندستان ۾ نولان جي ڪنهن به فلم جو پهريون سرڪاري پريميئر پڻ هو، پر نيويارڪ واپسي تي، سندس اجرڪ سان سينگاريل ٽائي سڀني جو ڌيان ڇڪايو. پاڪستاني فيشن ليکڪ ماهرخ پڻ انسٽاگرام تي نولان جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيو، ڪرسٽوفر نولان ڀاءُ، مون کي تمام گهڻو مزو آيو، ڇا هي اجرڪ ٽائي آهي؟