فلم “گرم هوا”: وطن، وفاداري ۽ ورهاڱي جو انساني الميو…..سڪندر گلاب

                 “گرم هوا”  1973ع ۾، ٺهيل اها شاهڪار آرٽ فلم آهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي مشھور ترقي پسند ڪھاڻيڪارا عصمت چغتائي جي اڻ لکيل ڪهاڻيءَ تي آڌاريل ۽ مشھور ڀارتي اداڪارا شبانا اعظمي جي والد ڪيفي اعظمي جي ڳوڙھن ۽ بامعنيٰ مڪالمن جي ذريعي سن ستيتاليھن جي ورهاڱي جي اذيتناڪ وڍن کي انتهائي سگهاري ڪردارنگاري سان پيش ڪري ٿي. هي فلم رڳو هڪ درد ڪهاڻي ناهي، پر تاريخ جي ان دور جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي، جيڪو اڄ بہ دلين کي ڇهي وڃي ٿو ۽ ڌرتي ۽ وطن سان محبت جو عظيم داستان ٻڌائي ٿو. ڪهاڻي هڪ اهڙي مسلمان ڪاروباري شخص سليم مرزا ۽ ھن جي موقعي پرست ڀاءُ حليم مرزا- جيڪو ھڪ مشھور مسلم ليگي رھنما آھي، جي خاندانن جي چؤڌاري گھمي ڦري ٿي. خاص طور تي سليم مرزا جي زندگي تي تمام سٺي روشني وجھي ٿي، جيڪو ھندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ اندروني طور ٽٽي پوي ٿو. ورھاڱي سبب سياسي، سماجي ۽ مذهبي انتشار جو اثر نہ فقط سليم مرزا جي ڪاروبار تي پوي ٿو، پر ھن جو پورو خاندان بہ نئين – پراڻي سڃاڻپ جي ٻِہ واٽي جو شڪار ٿيندو رھي ٿو. خاندان جا ڪجھ فرد آزاد هندستان ۾ پنهنجي مستقبل کي غير محفوظ سمجهي، نئين وجود ۾ آيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏي وڃن ٿا، جتي کين نون موقعن ۽ سرڪاري ڪرم نوازيءَ ۾، وڏيون اميدون آهن. سليم مرزا پنهنجي اباڻي وطن کي ڇڏڻ جي لاءِ ڪنهن بہ صورت ۾ تيار نٿو ٿئي. توڻي جو ھن جو ڀاءُ حليم مرزا ھندستان ۾ پنھنجي سياسي ڪيريئر جي موت کي ويجھي کان ڏسندي ۽ پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ پاڻ لاءِ بھتر سياسي ۽ ڪاروباري موقعن کي محسوس ڪندي اوڏانھن ھليو وڃي ٿو. سليم مرزا جو وطن کي نہ ڇڏڻ وارو ضد پنھنجي ڌرتيءَ سان هڪ گهري محبت ۽ وابستگي کي ظاھر ڪري ٿو ۽ پوري فلم ۾، ان سچي وابستگيءَ جي ھر ھر جھلڪ بہ نظر ايندي رھي ٿي. پنھنجي ڌرتيءَ کي نہ ڇڏڻ واري ان فيصلي جي کيس وڏي قيمت بہ ادا ڪرڻي پوي ٿي: ھڪ پاسي ڪاروباري نقصان تہ ٻئي پاسي گهر جي گذر سفر ۽ سياسي سماجي اٿ ويھ جي لاءِ قرض جھڙي ڦٽڪار سان بہ جھيڙي ٿو ۽ جيڪا ڦٽڪار ھن جو معمول بڻجي وڃي ٿي. ھندو- مسلم تضاد ۽ فساد جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جا ٻہ ٽڪر ٿيڻ جي ڪري، آزاد ھندستان جي سماج اندر سياسي، مذهبي ۽ سماجي تفريق جو منهن بہ ڏسڻو پويس ٿو. حالتون ايتريون تہ بي رحم ٿي وڃن ٿيون جو ھن کي پنھنجي خانداني حويليءَ تان ھٿ کڻڻو پوي ٿو، جنھن سبب ھن جي پوڙھي ماءُ صدمي جو شڪار ٿي دنيا ڇڏي وڃي ٿي.

سندس نوجوان ڌيءَ، جيڪا شاديءَ جا خواب اکين ۾ سجايو ويٺي هوندي آهي، پنهنجن ئي ٻن، رشتيدارن جي مجبورين ۽ دوکي جو شڪار ٿئي ٿي، ڇوتہ اھي بہ پاڪستان ھليا وڃن ٿا ۽ اھڙي طرح سان زندگيءَ تان هٿ کڻي ويهي رهي ٿي. مجبور سليم مرزا حويلي کي ڇڏڻ ۽ ماءُ ۽ ڌيءَ جي  درد هيٺ وڌيڪ ٽٽي پوي ٿو. مٿان وري جاسوسيءَ جا الزام ھن جو سڪون برباد ڪن ٿا. ان سڀ جي باوجود هو هندستان ڇڏڻ جي خيال تي پنھنجي گهرواريءَ ۽ بي ايَ پاس نوجوان پٽ- جيڪو پيءُ جي مجبوري ۽ بيوسي کي اٿندي ويھندي ڏسي رھيو ھوندو آھي، روزگار نہ ملڻ ۽ ڀيڻ جو رشتو نہ ٿيڻ ۽ ڪمھلي موت سبب پريشان رھندو آھي، اھو بہ بي رحم حالتن سان مسلسل ٽڪر کائيندو ۽ مايوسين جو شڪار  ٿيندو رھي ٿو. سليم مرزا جو وڏو پٽ پيءُ جي رويي مان تنگ ٿي، پاڪستان ۾، پنھنجي لاءِ محفوظ مستقبل جا خواب ڏسندي اڳ ۾ ئي ھليو وڃي ٿو. سليم مرزا جي لاءِ جڏهن حالتون وڌيڪ بي رحم ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي وڃن ٿيون، تڏهن ھو پاڪستان وڃڻ جي لاءِ پنھنجي دل تي پٿر رکي سخت فيصلو ڪري ٿو. ھڪ ڏينھن گھر کي تالو ھڻي جڏھن پنھنجي ننڍي پٽ ۽ گھرواريءَ سان گڏ روانو ٿئي ٿو تہ ھن جو رستي ۾ هڪ جلوس سان ٽڪراءُ ٿئي ٿو، جيڪو هندستاني نوجوانن کي روزگار ۽ انصاف ڏيڻ جا نعرا هڻي رهيو هوندو آهي. ان جلوس کي ڏسي ٽانگي ۾ ويٺل سندس پٽ، جيڪو دل سان پاڪستان وڃڻ نٿو چاهي، پنهنجي لاءِ اميد جو ڪرڻو سمجهي ٿو. پيءُ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پيءُ کيس آزاد شهريءَ جي حيثيت سان فيصلي ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. اھڙي طرح سان نوجوان هندستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏئي، ٽانگي مان لهي وڃي ٿو. هتي فلم گرم ھوا پنهنجي سڀ کان گهري علامتي پيغام کي ڇهي ٿي تہ ڌرتي ۽ وطن ڇا ٿيندا آھن ۽ وطن جي محبت ھڪ مجبور انسان کي ڪھڙين ڪھڙين مصيبتن سان بي وقتي ملاقاتون ڪرائي ٿي. گرم هوا ورهاڱي جي گھاون تي تيار ڪيل رڳو هڪ فلم ناھي، پر هڪ فڪري دستاويز آهي. ورھاڱي جي وڍن جي آھ آھي، جيڪا اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي تہ لڏپلاڻ جا فيصلا رڳو سرحدون نہ، پر رشتا، خواب ۽ سڃاڻپون بہ ورهائي ڇڏيندا آهن. حالتن جي جبر ھيٺ خود غرضيون بہ پيدا ڪندا آھن ۽ موقعي پرست بہ بڻائي ڇڏيندا آھن، جنھن جو بھترين مثال سليم مرزا جو ڀاءُ حليم مرزا جي شڪل ۾ ھن فلم ۾ موجود آھي. جيتوڻيڪ ھو پڪو مسلم ليگي ھوندو آھي پر جڏھن ھن کي ھندستان ۾ پنھنجو سياسي دڪان ھلندي نظر نٿو اچي تہ فورن پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڀاءُ کي بہ چوي ٿو پر ھو ھن سان وڃڻ لاءِ ۽ پنھنجي جنم ڀومي کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار نظر نٿو اچي.

ورھاڱو ٿي ويو. ٻنھي طرفين ڌرتي سان پيار ڪندڙ انسانن ھن ورھاڱي جي دردن کي ڪيئن ڀوڳيو ۽ ٻنھي طرفين بي رحم ۽ موقعي پرست ماڻھن ورھاڱي مان ڪيترو فائدو کنيو، ھي فلم ان الميي ۽ وارتا تي سٺي روشني وجھي ٿي. اهڙيون فلمون ٻڌائين ٿيون تہ ماضي جون تخليقون اڄ بہ ڇو اثر رکن ٿيون ۽ ڇو انساني درد، وطني گهرائپ ۽ سڃاڻپ جو سوال اڄ بہ اوترو ئي اھم آھي، جيترو ڪلھ ھو. گرم هوا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي ٺهيل فلمن مان اها نادر ۽ سگهاري تخليق آهي، جيڪا تاريخي واقعي کي نعري، جذبن، جوش يا رڳو مذهبي عينڪ سان نہ، پر انساني درد، اخلاقي سوالن ۽ سياسي-سماجي حقيقتن جي روشني ۾ پيش ڪري ٿي. هي فلم ٻڌائي ٿي تہ ورهاڱو رڳو زمينن جي ورهاست نہ هو، پر ماڻهن جي زندگين، خوابن، رشتن ۽ سڃاڻپن جي ٽٽڻ جو نالو هو. سليم مرزا جو ڪردار ان انسان جي علامت آهي، جيڪو هر قيمت تي پنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار رهڻ چاهي ٿو، پر حالتن جو جبر هن کي هڪ هڪ ڪري سڀ ڪجھ وڃائڻ تي مجبور ڪري ٿو. فلم اها بہ سچائي ظاهر ڪري ٿي تہ سياسي نعرا ۽ نظريا عام ماڻھن جي مسئلن، الجھنن ۽ ذاتي زندگين کان ڪيترا الڳ هوندا آهن. جتي ڪجھ ماڻهو ورهاڱي مان سياسي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪن ٿا، اتي اڪثريت کي رڳو نقصان، وطني دوري ۽ ذهني اذيت ملي ٿي. گرم هوا اسان کان اڄ بہ ھي سوال ڪري ٿي تہ: وطن ڇا آهي؟ ڇا اهو سرحدن جو نالو آهي؟ يا يادگيرين، رشتن ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل احساسن جي ميراث جو نالو آھي جن کي انسان ڪنھن بہ صورت ۾ ڇڏڻ نٿو چاھي. هي فلم ان ڪري بہ اهم آهي جو اها ماضيءَ جي ڪهاڻي هوندي بہ حال سان ڳالهيون ڪري ٿي. اڄ جڏهن دنيا ڀر ۾، لڏپلاڻ، بي روزگاري، سڃاڻپ ۽ عدم تحفظ جا مسئلا اڃان تائين موجود آهن تہ گرم هوا هڪ آئيني وانگر اسان کي پاڻ ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. وڏي واڪي چوي ٿي تہ انسانن کي پنھنجين جنم ڀومين کان پري نہ ڪيو. ھي درد اھڙو آھي جيڪو نہ ڌرتين کان دور ٿيندڙ انسان جي دلين مان وڃي ٿو، نہ وري حڪومتن کي چين سان ويھڻ ڏئي ٿو.