فلورملن لاءِ ڪڻڪ 1500رپيا سستي: پيپلز بسن، فلمون ٺاهڻ ۽  هٿيارن لاءِ پوڻا 8 ارب منظور  

  فلورملن لاءِ ڪڻڪ 1500رپيا سستي: پيپلز بسن، فلمون ٺاهڻ ۽  هٿيارن لاءِ پوڻا 8 ارب منظور  

ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ ڪابينا پيپلز بسن جي خريداري لاءِ 96 ڪروڙ 44 لک، پوليس لاءِ هٿيارن ۽ بارود جي خريداري لاءِ 5 ارب 84 ڪروڙ، فلمن، ڊرامن ۽ دستاويزي پروگرامن جي تياري لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، فلور ملز ۽ چڪين کي ملندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي 100 ڪلو گرام جي ٻوري تي 1500 رپين جي ڇوٽ ڏيندي نئون اگهه9500 مان گهٽائي 8000 رپيا في ٻوري( 3200 رپيا مڻ)  مقرر ڪيو ويو، جيل کاتي لاءِ گاڏين جي خريداري ۽ ڏهين ادب فيسٽيول سميت ثقافتي سرگرمين جي مدد لاءِ رقم جي منظوري ڏني وئي وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪ جي اگهه ۾ رعايت، ٿر جي ڪوئلي کي  کڻڻ لاءِ پٽڙي وڇائڻ ، داخلي آڊٽ ۾ سڌارا، سماجي تحفظ ۽ ڪراچي شهر ۾ آءِ ٽي ٽاور جي قيام سميت هڪ جامع مالي ۽ ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ نان-اي ڊي پي اسڪيم تحت پيپلز بسون خريد ڪرڻ لاءِ 96 ڪروڙ 44 لک رپين، عوامي آگاهي لاءِ فلمن، ڊرامن ۽ دستاويزي پروگرامن جي تياري لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ سنڌ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ هٿيارن ۽ گولا بارود جي خريداري لاءِ 5 ارب 84 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا آءِ ايم سي او اوور فورٽيز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سهڪار، ٿرپارڪر ۾ ايس او ايس چلڊرين وليج لاءِ گرانٽس، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي هيٺ پراجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ جو قيام، نون قائم ٿيل ڪاليجن ۾ اساميون پيدا ڪرڻ، سنڌ جيلز کاتي لاءِ گاڏين جي خريداري ۽ ڏهون ادب فيسٽيول لاءِ فنڊ منظور ڪيا  وڏي وزير سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته فنڊز جو وقت سر استعمال يقيني بڻايو وڃي،  شفافيت توڙي مالي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڪابينا سنڌ پبلڪ فنانس ايڊمنسٽريشن ايڪٽ 2020 تحت داخلي آڊٽ جي ضابطي واري فريم ورڪ جي منظوري ڏني. جنهن جو مقصد سرڪاري کاتن ۾ مالي نظم و ضبط، شفافيت ۽ حڪمراني کي مضبوط بڻائڻ آهي. ڪابينا ناڻي کاتي ۾ چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جي ڪيڊر جي قيام ۽ سڀني انتظامي کاتن لاءِ سيڪريٽريٽ سائيڊ تي 45 چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جون اساميون منظور ڪيون، جيڪي ڪانٽريڪٽ يا مارڪيٽ بيسڊ معاوضي تي هونديون ۽ ناڻي کاتي جي انتظام هيٺ ڪم ڪنديون. پي پي پي منصوبن تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ بابت فيصلو ويو ته هر منصوبي جو الڳ الڳ جائزو وٺڻ کانپوءِ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وڃي سگهي ٿي. ٿر ڪول ريلوي منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت جي حصي طور 6 ارب 60 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي . ڪابينا سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم 2024 لاءِ پينشن فنڊ مينيجرز جي تجويز ڪيل معاهدي جي منظوري ڏني جيڪو پهرين جولاءِ 2024 يا ان کانپوءِ ڀرتي ٿيندڙ سڀني ملازمن تي لاڳو ٿيندو. هن اسڪيم تحت پينشن فنڊ مينيجرز چار ذيلي فنڊز—مني مارڪيٽ، ڊيٽ، ايڪويٽي انڊيڪس ۽ ايڪويٽي—جو انتظام ڪندا. قدرتي موت يا معذوري جي صورت ۾ 10 لک ۽ حادثاتي موت جي صورت ۾ 20 لک رپين جي انشورنس ڪوريج فراهم ڪئي ويندي، جڏهن⁠ ته رقم ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافو پڻ شامل هوندو. جيلن ۾ 20 ڪروڙ جو وائرليس ڪميونيڪيشن سسٽم  خريداري جي منظوري ڏني وئي، انهي لاءِ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي، ڪابينا  آءِ ٽي ٽاور لاءِ ڪراچي جي ايم اي جناح تي واقع تاريخي عمارت حبيب انشورنس ڪمپني / حبيب بينڪ لميٽيڊ فارن ايڪسچينج بلڊنگ کي ڏيڍارب  ۾خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا  سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ايڪٽ 2019 ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون، جنهن هيٺ  ايڪٽ جي دائري کي پوري سنڌ تائين وڌائي سگهبو، ڪابينا  ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏني ۽ ان کي غور و فڪر لاءِ صوبائي اسيمبلي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ايس آر بي چيئرمين ڊاڪٽر واصف ميمڻ کي ڊسمبر 2027ع تائين ٻن سالن جي توسيع ڏني وئي، اجلاس  ۾سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي سي اي او لاءِ 19 گريڊ جي عرفان علي سوڍڙ منظوري ڏني وئي.