| فلڊ ايمرجنسي ريهبليٽيشن فنڊ ۾ 6.1 ارب رپيا اضافي جي منظوري |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا پاران فلڊ ايمرجنسي ريهبليٽيشن فنڊ ۾ 6.1 ارب رپين جي واڌ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ فنڊ 27.6 ارب رپين تائين پهچي ويو. هي واڌ ڪرنسي ۾ لاٿ ۽ چاڙھ سبب اڳ ۾ رهجي ويل آبادگارن کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ 56 ارب رپين جي سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام جو به آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن تحت آبادگارن کي في ايڪڙ 22 هزار رپيا ڏنا ويندا. وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثرين جي امداد بابت سڀئي 8،105 التوا ۾ پيل شڪايتون حل ڪيون وڃن. هن چيو ته امداد ۾ دير عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿي ۽ ان جو فوري ازالو ضروري آهي. ڪابينا کي وفاقي حڪومت پاران 2026 تائين پاڪستان جي شوگر سيڪٽر جي مڪمل ڊي ريگوليشن جي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. بڌايو ويو ته سنڌ، جيڪو 16 ضلعن ۾ قائم 38 شوگر ملن ذريعي قومي سطح تي 26 سيڪڙو ڪمند پيدا ڪري ٿو، مرحليوار تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته آبادگارن جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جنهن لاءِ ٽئين ڌر ذريعي وزن، شفاف ۽ وقت سر ادائيگيون ۽ گهٽ پيداوار وارن ممنوعه قسمن بابت اڳواٽ اطلاع لازمي هجي. هن چيو ته ڪارڪردگي جي واڌ آبادگارن جي نقصان جي قيمت تي نه هئڻ گهرجي، ۽ اگهن ۾ لاٿ چاڙزھ کي سنڀالڻ لاءِ حفاظتي قدم ضروري آهن. ان حوالي سان هڪ وزارتي ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪندي.