فل ڪورٽ اجلاس: ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ جسٽس منصور جو ٺاهيل پلان پيش، فوجداري ۽ ديواني ڪيسز خاص بئنچز کي اماڻڻ جي تجويز

آڪٽوبر 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه سميت سمورن معزز ججز شرڪت ڪئي

پڌرائي موجب اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪيسز جي اڪلائڻ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڪيسن جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ عدالتي ڪارڪردگي وڌائڻ جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. رجسٽرار موجوده ڪيسز جي بار جو هڪ جائزو پيش ڪيو ۽ ڪيسز جي بروقت فيصلي لاءِ قدمن جو خاڪو پيش ڪيو

رجسٽرار سپريم ڪورٽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 59 هزار 191 ڪيسز التوا هيٺ آهن، هن جسٽس منصور علي شاهه پاران تيار ڪيل ڪيس مئنجمينٽ پلان 2023ع تي ٻڌل هڪ مهيني جو نئون پلان متعارف ڪرايو

هن پلان ۾ واضح معيار قائم ڪرڻ، سمورن روز مره جي ڪيسز کي موثر طريقي سان منظم ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ به شامل آهي، ڪيس مئنجمينٽ پلان جو جائزو وٺڻ دوران، ججز پلان جي حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي حڪمت عملين تي غور ڪيو

فوجداري ۽ سول ڪيسز کي مھينن جي پلان ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آھي، اهي ڪيسز خاص ٻن ۽ ٽن ججز تي ٻڌل بينچن کي مختص ڪيا ويا آھن ته جيئن ڪيسز کي تيزيءَ سان اُڪلايو وڃي. ججز سسٽم جي وڌيڪ بهتري لاءِ سفارشون پيش ڪيون ۽ ڪيسز جو بار گهٽائڻ جو عزم ورجايو

جسٽس سيد منصور علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندي اضافي تجويزون ڏنيون جنهن جو مقصد ڪيسن جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ طريقيڪار جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ شروعاتي طور تي هڪ مهيني ۽ ان کان پوءِ ٽن مهينن ۽ ڇهن مهينن لاءِ پلان شامل آهن

چيف جسٽس سڀني ججز جا ٿورا مڃيندي انهن بيان ڪيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيس مئنيجمينٽ پلان تي مڪمل عمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. 2 ڊسمبر 2024 تي فل ڪورٽ اجلاس جي ايندڙ سيشن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو

Leave A Comment