فنانس بل ۾ اميرن کي رعايت ۽ غريبن تي ٽيڪسن جو بار وڌو ويو، بچيل ڪاروبار به تباهه ٿي ويندا: اپوزيشن

فنانس بل ۾ اميرن کي رعايت ۽ غريبن تي ٽيڪسن جو بار وڌو ويو، بچيل ڪاروبار به تباهه ٿي ويندا: اپوزيشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فنانس بل ۾ ترميمن تي بحث ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته سيڙپڪاري بابت پاليسين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، اپوزيشن بهترين تجويزون پيش ڪيون پر انهن کي مڪمل طور نظر انداز ڪري رد ڪيو ويو.  اميرن کي ٽيڪس ۾ رعايتون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته غريبن کي ٽيڪسن جي ڄار ۾ ڦاسايو پيو وڃي. هي فنانس بل باقي بچيل ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي به تباهه ڪري ڇڏيندو. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر مبين عارف چيو ته بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ مهانگائي سبب سڄي قوم اسان کي بددعائون ڏيندي. فنانس بل هن ايوان جو اختيار آهي. ان موقعي تي اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي وڃي جنهن سان سينيٽرن جي دل آزاري ٿئي. جي يو آءِ جي ميمبر نعيمه ڪشور هزار سي سي گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ بابت ترميم پيش ڪندي چيو ته هزار سي سي گاڏي تي ٽيڪس وڌائي 20 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. ننڍين گاڏين بدران وڏين گاڏين تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. بلٽ پروف گاڏين تي ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسڪولن جي اسٽيشنري تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. اسٽيشنري تي ٽيڪس وڌائڻ ايندڙ نسلن سان زيادتي آهي ۽ پرڏيهي ڊرامن تي ٽيڪس ختم ڪرڻ به ناانصافي آهي. هن چيو ته ٽيڪس گوشوارا دير سان جمع ڪرائڻ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ميمبر اسامه ميلا چيو ته فيس ليس سينٽرن بابت معاملن کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اهڙن معاملن کي چئلينج ڪرڻ جي گنجائش هوندي آهي. هن ڀيري صوبن کان پئسا ورتا ويا آهن ۽ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اين ايف سي ايوارڊ کي ڇيڙڻ کان سواءِ اهو ڪم ڪيو ويو آهي. جي يو آءِ جي ميمبر شاهده اختر علي چيو ته 1800 سي سي گاڏين تي 20 هزار رپين جو ٽيڪس مقرر ڪيو وڃي ۽ برقي گاڏين بابت مڪمل پاليسي آندي وڃي. اپوزيشن جي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر چيو ته جيڪڏهن پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي چڪي آهي ته پوءِ ان کي 15 سالن جي ٽيڪس ڇوٽ ڇو ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن هوائي ڪمپنين جو ڪاروبار وڌائڻ مقصد آهي ته ٻين ايئرلائنز کي به ساڳي رعايت ڏني وڃي. جهازن بابت امير طبقي کي ٽيڪس رعايتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته وچولي طبقي کي ڪا خاص سهولت نه ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر اسد قيصر چيو ته اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا وارن علائقن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ برقرار رکي وڃي. پاڪ افغان سرحد تي امن قائم ٿيندو ته ئي واپار ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر علي حيدر گيلاني چيو ته ايف بي آر ۽ پي ٽي اي موبائل فونن تي لاڳو 20 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. درآمدي موبائل فونن تي ٽيڪس هاڻي قسطن ۾ ادا ڪري سگهجي ٿو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجه اظهار الحسن چيو ته پرڏيهي ڊرامن تي في قسط پاڪستان کي 10 لک رپيا ٽيڪس حاصل ٿيندو هو. حڪومت سرڪاري خزاني ۾ ايندڙ هي ٽيڪس به ختم ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ڊراما پاڪستان جو قومي بيانيون نٿا بڻجي سگهن ۽ حڪومت جي هن قدم سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي نقصان پهچندو. پرڏيهي ڊرامن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت خواجه اظهار الحسن جي ترميم ايوان اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.