فنلينڊ جو پاڪستان ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان

فنلينڊ جو پاڪستان ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان

لنڊن(م ڊ) فنلينڊ جي پرڏيهي وزارت اسلام آباد، ڪابل ۽ يانگون ۾ سفارتخانن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن لاءِ تياريون جاري آهن ۽ 2026 دوران پاڪستان، افغانستان ۽ ميانمار ۾ فنلينڊ جي سفارتخانن کي بند ڪيو ويندو. موجوده ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان فنلينڊ جي پرڏيهي مشنن جي نيٽ ورڪ جو مسلسل جائزو وٺندا رهندا آهيون. انهن ملڪن ۾ سفارتخانا آپريشنل ۽ اسٽريٽجڪ سببن جي ڪري بند ڪيا ويندا، انهن ملڪن ۾ بدلجندڙ سياسي صورتحال ۽ فنلينڊ سان انهن جي محدود واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي نظر ۾ رکيو ويندو.