فنڊن جو غلط استعمال: نيب ٽيم مٽياري پهچي وئي، مختلف ادارن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

فنڊن جو غلط استعمال: نيب ٽيم مٽياري پهچي وئي، مختلف ادارن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

مٽياري (رپورٽر) سنڌ جي 12 ضلعن ۾ فنڊن جي استعمال بابت جاچ شروع ٿي وئي،  دادو کانپوءِ نيب ٽيم مٽياري پهچي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، روڊس ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي جاري ڪيل بجيٽ جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نيب پبلڪ هيلٿ کاتي پاران ٺهرايل 42 آر او پلانٽ ۽ ٻين اسڪيمن جو رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته روڊس کاتي پاران مٽياري، ھالا ۽ نيوسعيداباد ۾ ڪرايل ڪمن ۾ جاري ٿيل ڪروڙين رپين جي جاچ به شروع ڪندي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جو به سال 2012 کان 2017 تائين جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، هوڏانهن ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو ته ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جي به جاچ شروع ڪئي وئي آهي، عملدارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.