| فنڊ هجڻ باوجود اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جو انڪشاف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شاهدہ اختر علي جي صدارت هيٺ پي اي سي، جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت بين الصوبائي رابطا متعلق لاڳاپيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو۔ فنڊ موجود هجڻ باوجود قصور ۾ اسٽيڊيم جي تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو۔ آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي ڪا به رپورٽ فراهم نه ڪئي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسٽيڊيم جي تعميراتي ڪم جي مانيٽرنگ نه ڪئي. پاڪستان اسپورٽ بورڊ جي اختيارين چيو ته اسان وٽ ان منصوبي جو اڻپورو رڪارڊ موجود آهي، پاڪ پي ڊبليو ڊي ختم ٿيڻ سبب رڪارڊ ناهي ملي سگهيو. سينيٽر بلال مندوخيل چيو ته پي ڊبليو ڊي ته هاڻي ختم ٿيو آهي، 2006 کان هينئر تائين ڇا ٿيندو رهيو آهي. آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته بنا مقابلي جي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو ۽ ڪم جي نوعيت ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، منصوبو چار ملين مان وڌيڪ 90 ملين تي پهتو آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي. اسپورٽس بورڊ اختيارين چيو ته جن ماڻهن هي ڪم ڪيا آهن، اوهان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪريو ته ڪنهن جي دور ۾ ڪهڙو منصوبو شروع ٿيو.