فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جي پٽن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت

جنوري 9, 2024

ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جي پٽن حسنين مرزا ۽ حسام مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل بدين جي رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل حسنين ۽ حسام مرزا جون اپيلون منظور ڪندي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

حسام مرزا  اين اي 223 ۽  حسنين مرزا پي ايس 70 تان چونڊ وڙهي رهيا آهن

رٽرننگ آفيسر ٻنهي ڄڻن جا نامزدگي ڪاغذ بينڪ باقيدار هئڻ جو جواز ڄاڻائي رد ڪيا هئا

اليڪشن ٽربيونل ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا نامزدگي ڪاغذ  رد ڪرڻ خلاف اپيلون رد ڪري چڪو آهي

Leave A Comment