ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو شهر ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ مبينا طور ڀاءُ هٿان قتل ڪيل ناري فهميده راڄپر جي انڪوائري معاملي لاءِ ايس ايس پي خيرپور سندن گهر پهچي ويو
ايس ايس پي عبدالسميع سومرو پهريان ڪوٽ لالو ٿاڻي تي پهتو بعد ۾ ناري فهميده جي گهر پهچي ناري جي وارثن ۽ گهر جي ملازمن کان بيان ورتا
فهميده راڄپر مبينا طور تي ڀاءُ شهباز راڄپر هٿان قتل ٿيڻ جي ڪوٽ لالو جي اڳواڻي ايس ايڇ او بشير ڀيو پاران سرڪار جي مدعيت ۾ اصغر چانگ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو، ناري فهميده راڄپر بابت پهرين پوليس بيان ڏنو هو ته هن خودڪشي ڪئي آهي
بعد ۾ پوليس قتل ڪيس داخل ڪيو هو، ناري فهميده قتل ٿي يا خودڪشي ڪئي اٿس، ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ ايس ايس پي ڊي ايس پي پارس بکراڻي جي نگراني ۾ جاچ ٽيم جوڙي هئي، ٽيم پهچي پوليس ۽ ناري جي وارثن ۽ کان بيان پڻ ورتا هئا
جيڪا رپورٽ ايس ايس پي خيرپور حوالي ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اڄ پاڻ ايس ايس پي خيرپور جاچ لاءِ پهچي بيان قلمبند ڪيا، هوڏانهن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ بعد خبر پوندي ته ناري خودڪشي ڪئي يا قتل ٿي آهي، انڪوائري بعد معاملو ظاهر ڪنداسين