فهميده لغاري جو آپگهات، جاچ جاري، اڄ يونيورسٽي اندر بيان ٿيندا

فهميده لغاري جو آپگهات، جاچ جاري، اڄ يونيورسٽي اندر بيان ٿيندا

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري آپگهات ڪيس بابت ڊي آئي جي فيصل عبدالله چاچڙ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سربراه ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي تھ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ 2 ڪميٽي جوڙيل آھي، ھڪ آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل ڪميٽي ۽ ٻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران جوڙيل ڪميٽي، ٻئي ڪميٽيون پنھنجو ڪم ڪري رھيون آھن. ھن چيو تھ روز جاچ جي سلسلي ۾ روز مختلف طريقن سان ڪم ٿي رھيو آھي، جيڪي بيان ۽ ٻيون شيون مليون آھن، انھن جي بنياد تي معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تھ فھميدا لغاري معاملي جون ڊجيٽل شاھديون ھٿ ڪيون ويون آھن. ھن چيو تھ فھميدا لغاري جو موبائل ۽ جوابدارن جا موبائل فارينزڪ لاءِ ليب موڪليا ويا آھن ۽ ٻيا بھ جيڪي مھرڪ آھن، انھن جي تحقيق ٿي رھي آھي تھ آخر اھي ڪھڙا مسئلا ھئا، جن فھميدا کي آپگھات تي مجبور ڪيو. ھن چيو تھ ھيءَ ھڪ رواجي جاچ ناھي، فھميدا تھ ھن دنيا مان ھلي وئي آھي پر ھاڻ اسان وٽ جيڪي ٻيون شاھديون موجود آھن يا بيان ورتا ويا آھن، ڪا ننڍڙي بھ شي ھٿ اچي تھ اسان ان کي قانون جي نظر سان ڏسي رھيا آھيون ۽ اميد آھي تھ بھتر کان بھتر جاچ ٿيندي.