فهميده لغاري جو آپگهات نه قتل آهي: وارثن ڪاليج پروفيسر ۽ شاگرد ذميوار قرار ڏئي ڇڏيا

  فهميده لغاري جو آپگهات نه قتل آهي: وارثن ڪاليج پروفيسر ۽ شاگرد ذميوار قرار ڏئي ڇڏيا

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميدا لغاري جي خودڪشي وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، نياڻي جي وارثن موجب ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر عابد لغاري ۽ شاگردن جي گروپ  جي بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي اسان جي نياڻي اهڙو انتهائي قدم کنيو، واقعو خودڪشي نه پر قتل آهي  فوري طور پروفيسر ۽ شاگردن جي گروپ کي گرفتار ڪري سندن موبائل فون هٿ ڪيا وڃن ، آپگهات ڪندڙ فهميدا لغاري جي تڏي تي ويٺل سندس والد انتظار حسين لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهجي نياڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل شاگردياڻي هئي جيڪا ڪاليج جي ٽاپر هئي جڏهن ته محمد ميديڪل ڪاليج ۾ پروفيسر عابد لغاري ۽ شاگردن جو هڪ گروپ  جنهن ۾ عبدالله ، عبدالرحمان شامل َآهن جيڪي نياڻين کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪرڻ سميت مختلف طريقن سان ٽارچر ڪندا آهن جڏهن جڏهن ته گذريل ڪجھ ڏينهن کان پروفيسر عابد لغاري نياڻي کي بليڪ ميل ڪري 40 هزار گهري رهيو هو چيائين جيڪڏهن پئسا نه ڏنا ته منهجا لمس ڪاليج ۾ واسطا آهن آئون پريڪٽيڪل ۾ فيل ڪرائي ڇڏيندس جنهن بعد نياڻي مون سان اهڙي شڪايت ڪئي جنهن بعد آئون ميڊيڪل ڪاليج ويس اهڙي شڪايت پرنسپال ظفر حسين تنوير  کي ڏني ۽ پرنسپال جي گهرواري پڻ پروفيسر آهي  فهميدا اهڙي شڪايت پرنسپال جي گهرواري کي ڏني  جڏهن مون چيو ته سال جا لکين روپيا فيس جي مد ۾ ادا ڪريون ٿا ته پوءِ رشوت ڇو ڏيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو شڪايت تي پروفيسر ۽ سندس گروپ مڇرجي پيا نياڻي کي وڌيڪ بليڪ ميل ڪيو جنهن ڪري تنگ ٿي نياڻي اهڙو انتهائي قدم کنيو واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين ، جڏهن ان موقعي تي فوتڻ شاگردياڻي جي مامن، افتّخار لغاري ، مصدق لغاري،  ڊاڪٽر وسيم لغاري چيو ته فهميدا هڪ بهادر نياڻ هئي ڪاليج ۾ ڪو به مسئلو ٿيندو هو ته هو اسان کي  ٻڌائيندي هئي ڪجه ڏينهن پهريان هن ٻڌايو ته پروفيسر عابد کيس موبائل تي غلط مسيج ڪندو آهي گٿا لفظ پڻ ڳالهائيندو هو هن سان گڏ شاگردن جو هڪ گروپ آهي جيڪو پڻ نياڻين کي بليڪ ميل ڪندو آهي هنن چيو ته اسان سمهجهون ٿا ته واقعو خودڪشي نه پر قتل آهي اسان پنهجي نياڻي جي خون جي انصاف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته في الحال پوليس تعاون ڪري هي آهي جڏهن ته پروفيسر پاران نياڻي کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ثبوت پڻ نياڻي جي موبائل فون ۾ آهن جيڪو موبائل فون اسان پوليس کي ڏنو آهي، هوڏانهن  ميرپور خاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي پاران آپگهات جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم جوڙي وئي، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ايس ايس پي جي سربراهي ۾ 3 رُڪني جاچ ڪميٽي ڪميٽي واقعي جي مختلف رُخن ۾ جائزو وٺڻ بعد ذميوارن جي نشاندهي ڪندي، ڪميٽي کي 10 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت   ڪئي وئي.
 

مري وڃان ته حساب وٺجو: ڊاڪٽرياڻي ڀيڻ سان حال اوريا

ميرپورخاص: ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڀيڻ مهڪ لغاري چيو ته فهميدا تمام گهڻو پريشان هئي جيڪا اڪثر پاڻ سان ٿيل زيادتين  بابت روئي ٻڌائيندي  هئي پاڻ مارڻ کان اڳ هن چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي جيڪڏهن آئون مري وڃان ته منهجو حساب وٺجو جيئن ٻين نياڻين سان زيادتي نه ٿي.
 

ميڊيڪل ڪاليجز نياڻين لاءِ درسگاهن بدران مقتل گاهه!!!

ميرپورخاص: تڏي تي ويٺل سماجي اڳواڻ واجد لغاري، ڊاڪٽر دلدار لغاري، حاجي حسين بخش لغاري چيو ته سنڌ جون ميڊيڪل ڪاليجون نياڻين لاءَ درسگاهون نه پر مقتل گاهه بڻيل آهي جڏهن ته ڄاڻايل محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ اهڙا واقعا اڳ به ٿيا آهن جنهن  ۾ نياڻين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته فهميده لغاري هڪ بهادر ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي جنهن کي اتي مقرر پروفيسر عابد لغاري ۽ سندس گروپ پاران مختلف طريقن سان حراسان ڪري بليڪ ميل ڪن ٿا نياڻي کي ايترو تنگ ڪيو ويو هن تنگ ٿي پنهجي زندگي جو انت آندو
 

شاگردياڻي جو آپگهات: عمرڪوٽ ۾ ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو
 

عمرڪوٽ (رپورٽر) ميرپورخاص ۾ پوزيشن هولڊر ميڊيڪل شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي مبينه هراساني ۽ ذهني دٻاءُ سبب پيش آيل افسوسناڪ واقعي خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو احتجاجي مظاهري ۾ ضلعي سيڪريٽري سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ثناءُ ساند صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڊاڪٽر فهميده لغاري جو واقعو صرف هڪ نياڻي جو الميو ناهي پر اهو پوري سماج جي ضمير کي لوڏي ڇڏيندڙ سانحو آهي
 

نياڻيون ڪاليجن ۾ پڙهڻ وڃن ٿيون پر لاش ملن ٿا: اياز لطيف

ميرپورخاص: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي ذھين شاگردياڻي فھميدہ لغاري جي خودڪشي واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته واقعو شاگردياڻي کي مسلسل هراسان ڪرڻ سبب پيش آيو، وارث انتظاميا کي اھڙيون شڪايتون ڪري چڪا هئا، ان باوجود پوزيشن کڻندڙ شاگردياڻي کي تحفظ نه ڏنو ويو، جنھن کان تنگ اچي ھن پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آھي، واقعو خودڪشي نہ پر قتل آھي، جنھنڪري فھميدہ لغاري جي وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.  جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسان جون نياڻيون يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ وڃن ٿيون پر اتان انھن جا لاش ملن ٿا ڪڏھن نائلا رند، نمرتا ڪماري ۽ نوشين ڪاظمي جي ناحق خون سان انصاف ٿئي ھا ۽ ذميوارن کي سزا اچي ھا تہ محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص ۾ افسوسناڪ واقعو پيش نہ اچي ھا.ميرپورخاص جي شاگردياڻي فھميدہ لغاري واقعي جو وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان وٽ تعليمي ادارن کي نياڻين لاءِ محفوظ ناھي بڻايو ويو. ڪڏھن لاڙڪاڻي مان تہ ڪڏھن ڄامشورو يونيورسٽي مان نياڻين جا لاش ملن ٿا.
 

ڊاڪٽرياڻي کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا، اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاران شاگردياڻي فهميده لغاري واري معاملي بابت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڏيئا ٻاري فهميده لغاري کي ڀيٽا پيش، خبر موجب ميرپورخاص اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ساگر لغاري، فراز سنڌي، سرمد لغاري ۽ پاران شاگردياڻي فهميده لغاري واري معاملي بابت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن پاران الزام هيٺ آيل ليڪچرار عابد لغاري ۽ ڪاليج انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جڏھن ته اڳواڻن پاران پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري فهميده لغاري کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته فهميده لغاري وارو معاملو انتهائي افسوسناڪ آهي، ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن،
 

فهميده اسان جي نياڻي هئي، وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ٿيندو: صوبائي وزير
 

ميرپورخاص: ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميدا لغاري واري معاملي جو صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاه پاران نوٽس وٺندي آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ناري جي وارثن سان رابطو ڪيو صوبائي وزير پاران آئي جي سنڌ سان واقعي بابت ڳالهايو ۽ ڊي آئي جي ميرپورخاص کي وارثن سان قانوني مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هن وڌيڪ چيو ته فهميده اسان جي به نياڻي هئي، وارثن جي مرضي موجب پوليس ڪيس داخل ڪندي نياڻين کي حراسان ڪندڙن ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي