| فهميده لغاري جي وارثن کي پوليس تي بي اعتمادي، خون لوڙهڻ جو خدشو ظاهر، 8 ڪلاڪ ڌرڻو |
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي جي ڪيس ۾ ڪا بھ گرفتاري عمل ۾ نھ آئي،وارثن پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪيس لوڙهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، جاچ ميرپور پراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او حوالي ڪئي وئي، فھميدا لغاريءَ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وارث عورتن ۽ ٻارن سميت ميرپورخاص حيدرآباد ٽول گيٽ تي ڌرڻو هنيو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ميرپورخاص ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل نجي يونيورسٽي جي پرنسيپل تنوير عالم، سندس گهرواري فرزانا،ليڪچرار عابد لغاري،عبدالرحمن ۽ عبدالله مان اڃا تائين ڪنھن جي بھ گرفتاري عمل ۾ نھ اچي سگھي آھي. ذريعن موجب ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل فارماسسٽ عابد لغاري جي ڳوٺ مسڻ ننڍي ويجھو پوليس ڇاپو ھنيو، جتي ھو ملي نھ سگھيو.ان موقعي تي وارثن پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڪندي پوليس جي غيرسنجيدگي سبب ڪيس لوڙهڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، پوليس پاران حد جي ايس ايچ او حق نواز جوڻيجو بدران ڪيس کانپوء جاچ جو سمورو عمل پراڻي ميرپور ٿاڻي جي ايس ايچ او ڪامران هاليپوٽو حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ھوڏانھن آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي جي مامي فريادي افتخار ۽ مصدق چيو ته ھنن ايف آءِ آر ۾ يونيورسٽي جي مالڪ جو نالو بھ ڏيڻ پئي چاھيو پر پوليس ان جو نالو ايف آءِ ۾ شامل نھ ڪيو، ڪيس جي فريادي افتخار لغاري موجب نجي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي بھ مامرا ٿين ٿا، انھن جي يونيورسٽي جي مالڪ کي ڄاڻ آھي، اھڙي جاچ ۾ يونيورسٽي جي مالڪ کي بھ شامل ڪيو وڃي،هنن چيو ته فهميده لغاري واري معاملي ۾ سنڌ جي گهرو وزير، صوبائي وزيرن سميت آئي جي سنڌ پاران نوٽس وٺڻ باوجود اسان کي ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي آڏو 8 ڪلاڪ احتجاج ڪرڻو پيو جنهن مان اندازو لڳي ٿو ته جوابدار ڌر بااثر آهي، هوڏانهن نامزد جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ خلاف وارثن شاگردياڻي جي ڀيڻ مھڪ، فاطما، سندن امڙ ۽ مامي افتخار جي اڳواڻيءَ ۾ ميرپورخاص _ حيدرآباد ٽول گيٽ تي ڌرڻو ھنيو، جنھن ۾ عورتن جي ھڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ حيدرآباد کان آيل وومين ايڪشن فورم جي امر سنڌو، عرفانا ملاح ۽ حسين مسرت پڻ شرڪت ڪئي. ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ميرپورخاص پوليس جو ھڪ انگ ڌرڻي واري جاءِ تي پھتو، پر وارثن ان موقعي تي نعريبازي ڪري جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
| فهميده کي سيني جي کاٻي پاسي گولي لڳي، 2 بغير استعمال گوليون هٿ، رپورٽ پڌري |
ميرپورخاص: ميرپورخاص جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن ھٿان مبينا طور ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ فھميدا کي ھڪ گولي سيني جي کاٻي پاسي چوٿون نمبر پاسراٽي وٽ لڳل ھئي ۽ دل ۽ وڏي شھ رڳ گولي لڳڻ سبب ڦاٽل ھئي. رپورٽ موجب فھميدا جي کوپڙي، دماغ ۽ ڳچيءَ جي ھڏي مڪمل طور محفوظ ۽ نارمل ھيون، جڏھن تھ جسم تي ڪي بھ ٻيا تشدد جا نشان نھ ھئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڊي اين اي ٽيسٽ جي سلسلي ۾ رت جا نمونا، وار، نُنھن ۽ جسم جا ٻيا جزا ليبارٽري موڪليا ويا آھن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ 2 بغير استعمال ٿيل گوليون پڻ سندس ڪپڙن ۽ وارن مان مليون آھن
ميرپورخاص جي ڊاڪٽرياڻي واقعي خلاف ٽنڊي باگي ۾ احتجاجي مظاهرو
ٽنڊو باگو (ن پ ا) نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سڏ تي ٽنڊو باگو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ميرپورخاص جي ابن سينا محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينا هراسمينٽ ۽ آپگهات واري واقعي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. مظاهري ۾ شاگرد اڳواڻن وقار جت، گلشاد عمراڻي، سجاد شاهه، فاضل رشيد، زرياب شاهه، جمن شاهه، لال خان، وشنو، شبير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر نياڻين کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي، ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
| ڊاڪٽرياڻي جا پوسٽ مارٽم بعد ورتل جزا سول اسپتال ۾ پيل |
ميرپورخاص: وارثن ٻڌايو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته فهميده جا پوسٽ مارٽم بعد ورتل جزا هن وقت تائين سول اسپتال ۾ پيل آهن، هنن چيو ته اسان کي پوليس جي ڪارڪردگي تي اعتبار ناهي اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ملڪ جي اعلي ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي.
| ٻين جو گهر نه اُجڙي، تڏو ڇڏي خوشي ۾ ناهيون نڪتا: امڙ |
ميرپورخاص: صحافين سان ڳالھائيندي فھميدا جي امڙ چيو تھ کانئس پنھنجي ڌيءُ کسجي چڪي آھي پر ھوءَ چاھي ٿي تھ ڪنھن ٻي نياڻيءَ سان اھڙو واقعو نھ ٿئي، ڪنھن جو گھر نھ اجڙي ۽ نياڻين کي ھراسان ڪندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. ھن چيو تھ کيس شوق ناھي تھ ھوءَ تڏو ڇڏي، هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي ۽ ھٿ سان انھن کي يونيورسٽي مان ڀڄايو ويو آھي.
| مرڪزي ڪردار ليڪچرار کي جهنڊي مري ۾ ماستر جي به نوڪري، گوسڙو قرار |
ميرپورخاص: محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ مقرر ليڪچرار عابد لغاري جي حوالي سان فوتي ناري فهميدا لغاري جي وارثن افتخار لغاري، مصدق لغاري ۽ ٻين چيو ته عابد لغاري ٽنڊو الهيار جي تعلقي جهنڊو مري جي اسڪول ۾ پرائمري ماستر آهي جنهن اسان جي نياڻي کي حد کان وڌيڪ بليڪ ميل ڪيو جنهن ڪري تنگ ٿي نياڻي انتهائي قدم کنيو هنن وڌيڪ چيو ته هي گهوسٽ استاد آهي جيڪو پنهجي ڊيوٽي نٿو ڪري اسان صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽس وٺي گهوسٽ استاد خلاف فوري طور ڪاروائي ڪري
انتھائي ھاڃيڪار معاملو آھي، نياڻين جي تعليم تي ناڪاري اثر پوندا: وومين ايڪشن فورم
ميرپورخاص: وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو جو چوڻ هو تھ ھي ھڪ وڏو واقعو آھي، جنھن جا سماج تي، نياڻين جي پڙھائي تي ۽ والدين تي اثر پوندا. ھن چيو تھ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪڏھن 50 سيڪڙو ڇوڪريون پڙھن ٿيون تھ سنڌ يونيورسٽي ۾ انھن جو تعداد 22 سيڪڙو بھ مس آھي، ان موقعي تي ڳالھائيندي عرفانا ملاح چيو تھ ھي ھڪ انتھائي افسوسناڪ واقعو آھي، اسان فھميدا کي جوابدار استاد پاران ڪيل ميسيج ٻڌا آھن، جن ۾ ھو کيس ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ۽ والدين اھي ميسيج کڻي يونيورسٽي انتظاميا کي آگاھي پڻ ڏني آھي پر ان باوجود استاد خلاف ڪو قدم نھ کنيو ويو.. ان موقعي تي ڳالھائيندي حسين مصرت چيو تھ جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ پوليس جي بي حسي ۽ نااھلي آھي تھ ھڪ جوابدار جنھن نياڻي کي ايڏو بليڪ ميل ڪيو جو ھن پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، ھن چيو تھ تعليمي ادارن مان نياڻين جا لاش نڪرڻ وارو مامرو انتھائي ھاڃيڪار آھي، جنھن جا نياڻين جي تعليم تي ناڪاري اثر پوندا
درسگاهن ۾ نياڻين کي هراسان ڪرڻ خلاف ٺري ميرواهه ۾ ريلي
ٺري ميرواھه(ن پ ا) سنڌ جي درسگاھن ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ واري عمل خلاف ٺري ميرواھ ۾ ناڪا چوڪ کان شھر جو گشت ڪري فاضل راھو چوڪ تائين ڊاڪٽرن وڪيلن ڊاڪٽر محمد خان شر ڊاڪٽر محمد متل جوڳي مھتاب علي شر ڊاڪٽر عبدالستار شر ڊاڪٽر غلام علي جوڳي اديب رحيم داد جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سرڪار جي لاپرواهي سبب تعليمي ادارن مان شاگردياڻين جا لاش ملي رهيا آهن، هراسان ڪرڻ خلاف نياڻيون آپگهات ڪري رهيون آهن، ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميده لغاري وارو واقعو به ساڳئي ئي ظلم جي ڪڙي آھي، ڪجھه عرصو اڳ نمرتا ڪماري نائلا رند وري هاڻي فھميده لغاري جو واقعو پيش آيو آھي ھنن گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي..