| فهميده لغاري ڪيس: جاچ ٽيم خانگي ڪاليج پهتي، انتظاميا جا بيان، گرفتار جوابدارن جو رمانڊ |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاريءَ جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 2 جوابدار عدالت ۾ پيش، 2 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي،ڊي آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ٽيم نجي ڪاليج پهتي، ڪاليج انتظاميا جا بيان ورتا، خبر موجب ميرپورخاص ۾ نجي يونيورسٽي ۾ ھراسمينٽ ۽ ذھني ٽارچر سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن عابد لغاري ۽ عبدالرحمان جٽ کي ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر ڪامران ھاليپوٽو ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس عدالت سڳوري کي استدعا ڪئي تھ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ھلندڙ آھي، ان ڪري سندن 5 ڏينھن جو رمانڊ ڏنو وڃي، جنھن بعد عدالت ٻنھي جوابدارن کي ٻن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.هوڏانهن فهميده لغاري ڪيس بابت ڊي آءِ جي ميرپورخاص فيصل عبدالله چاچڙ پاران جوڙيل جاچ ٽيم ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاه جي اڳواڻي ۾ نجي ڪاليج پهتي، جتي جاچ ٽيم چانسلر سيد رضي محمد، وائس چانسلر شمس العارفين، پرنسپل ظفر تنوير ۽ سندس گهرواري کان تفصيل ورتا ۽ ٻيان قلمبند ڪيا ويا