| فهميده لغاري ڪيس جو مک جوابدار گرفتار، ماستري تان معطل، پرنسپال جي ضمانت، ٻئي ڏينهن به ڌرڻو |
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص ۾ جي ھڪ نجي ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن پاران ٻن ڏينھن کان لڳايل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص پھتو، جتي ھن فھميدا جي والد انتظار حسين، سندس مامي افتخار حسين، فھميدا جي والدا ۽ ڀيرن توڙي ٻين وارثن سان ڳالھيون ڪيون. ان موقعي تي فھميدا جي وارثن ايس ايس پي اڳيان مطالبو ڪيو تھ ڪاليج اندر ٿيندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي تھ جيئن نياڻين جي ھراسمينٽ ۾ ملوث سمورا جوابدار ظاھر ٿي سگھن، ساڳئي وقت اھو پڻ مطابو ڪيو ويو تھ ڪيس جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ادارن کان مدد ورتي وڃي، ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ جيڪي ڪچي ضمانتن تي آھن، انھن جون ضمانتون رد ڪرايون وڃن. وارثن پاران اھو پڻ مطالبو ڪيو ويو تھ تعليمي ادارن اندر جيڪي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيون جوڙيل آھن، انھن کي فعال ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي پاڻ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندو تھ جيئن ٻين نياڻين سان اھڙا واقعا پيش نھ اچي سگھن. ساڳئي وقت پوليس فھميدا جي ڪيس ۾ ڪنھن بھ جوابدار سان ڪنھن بھ طريقي سان سھڪار نھ ڪندي. اھڙا مطالبا پيش ڪرڻ بعد ايس ايس پي ميرپورخاص خاطري ڪرائي تھ 24 ڪلاڪن اندر باقي جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، ساڳئي وقت ڪاليج اندر جڊيشل انڪوائري لاءِ ھو گھرو کاتي کي لکندا، ۽ جاچ شفاف ڪئي ويندي، جنھن بابت وارثن کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو. ايس ايس پي ان موقعي تي وارثن کي خاطري ڪرائي تھ تعليمي ادارن اندر اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽين کي فعال ڪرڻ لاءِ ھو اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان لک پڙھڻ ڪندا تھ جيئن اھي ڪميٽيون فعال ٿي سگھن. ايس ايس پي پاران اھڙين خاطرين کان پوءِ فھميدا جي ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ مامر احتجاج ۾ شامل ٿيندڙ سمورن ماڻھن جا ھٿ ٻڌي ٿورا مڃيا، جنھن تي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن کين خاطري ڪرائي تھ جيڪڏھن مطالبا تسليم نھ ڪيا ويا تھ ھو ٻيھر ساڻن احتجاج ۾ شريڪ ھوندا. هوڏانهن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ نجي يونيورسٽي ۾ فارماسسٽ طور ڪم ڪندڙ ۽ ساڳئي وقت تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر طور ڀرتي ٿيل عابد لغاريءَ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، جنھن کان پوءِ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ٽنڊو الھيار ضلعي جي شھر مسڻ وڏي ڀرسان ھڪ ڳوٺ محسن ڏگو جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر طور ڀرتي ٿيل عابد لغاريءَ کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، نجي ڪاليج ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاري جي ڪيس ۾ پوليس حساس ادارن جي نشاندھي تي مُک جوابدار عابد لغاريءَ کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي محمد ميڊيڪل يونيورسٽي جي ليڪچرار ۽ ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار طور شامل ڪيل عابد لغاريءَ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ذريعن موجب جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ انسپيڪٽر حق نواز جوڻيجو، انسپيڪٽر ڪامران ھاليپوٽو، سب انسپيڪٽر عنايت ۽ دانش ڀٽي مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا
رتوديرو، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ جسقم جا مظاهرا
رتوديرو (ن پ ا) مير پور خاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينا هراسمينٽ ۽ آپگهات واقعي خلاف جسقم جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، رتيديري ۾ آصف اوڍو، روشن جويو، زبير ڀٽو، ديشي نديم ميراڻي، علي رضا عارباڻي، محمد علي چنو، انور چانڊيو، عارف بوزدار، محمد قاسم جويو ۽ اڪبر علي منگي مظاهري جي اڳواڻي ڪئي، هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ نياڻيون هراسمينٽ سبب خودڪشيون ڪري رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي فهميده لغاري واري واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن وري اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. قمبر ۾ شاهجهان ڪلهوڙو،حسنين بخاري،محسن شيخ ۽ ٻين احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، اطهر سومرو، بشير جتوئي، ارشاد ملگاڻي، امان الله پنهور، آفتاب ميراڻي، لطيف ڪوري، صفدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، فيض گنج ۾ عطا حسين شر، رياض چانگ، شعيب کنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
فهميده ڪيس جي جاچ هلي پئي، سڀ الزام درست ناهن هوندا: آءِ جي
جيڪب آباد (رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته شاگردياڻي فهميده لغاري ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي، سڀ الزام درست ناهن هوندا، جاچ ۾ الزام ثابت ٿيڻ بعد بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي چيو ته ڪچي ۾ آپريشن بعد سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، آپريشن جو دائرو اڃا وڌايو ويندو، هن وقت ڪشمور، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ هڪ به مغوي ناهي، عوام کان پڇي ڏسو، حالتون ساڳيون ناهن، تمام گهڻي بهتري آئي آهي. آءِ جي جيڪب آباد ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي سان سندس والد بابل خان جکراڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي.