| فهميده لغاري ڪيس جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل!! ڀتاخوري سميت 5 نوان قلم لاڳو |
ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي خانگي ڪاليج ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ ڪميٽيءَ جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز جي ايس ايس پي ميرپورخاص سان ملاقات، ڪيس ۾ ڀتاخوري سميت 5 نوان قلم لاڳو، ايس ايس پي ميرپورخاص چيو آھي تھ ڪيس جي شروعات چالان ھڪ ٻن ڏينھن ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏھن تھ حتمي چالان فارينزڪ رپورٽ اچڻ بعد جمع ڪرايو ويندو،خبر موجب ميرپورخاص جي خانگي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليج ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ بابت جوڙيل ڪميٽيءَ جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ميرپورخاص پھچي ايس ايس پي ميرپورخاص سان ملاقات ڪئي ۽ جاچ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ڏس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين چيو آھي تھ آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ آخري مرحلن ۾ آھي، جيڪا ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ جلد عوام جي سامھون اچي ويندي. ايس ايس پي چيو تھ ھن وقت تائين جاچ رپورٽ کي پڌرو نھ ڪرڻ جو مطلب اھو آھي تھ جاچ جو جيڪو ھلندڙ سلسلو آھي، اھو متاثر نھ ٿئي ۽ مسئلا پيدا نھ ٿين ۽ ڪافي شيون اھڙيون بھ ھونديون آھن جيڪي وقت کان اڳ پڌريون ٿي وڃن تھ انھن جو قانوني اثر بھ ٿيندو آھي. ايس ايس پي چيو تھ جاچ تمام گھڻ طرفي ڪئي وئي آھي، فھميدا جا وارث مطمئن ٿي ويندا.ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ فھميدا لغاري ڪيس جي اڳ ۾ جيڪا ايف آءِ آر ڪٽي وئي آھي، ان ۾ ڀتا خوري سميت 5 قلم ٻيا بھ لڳايا ويا آھن ۽ اھي قلم جاچ دوران وڌيڪ ٻيون ڳالھيون سامھون اچڻ بعد لڳايا ويا آھن. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ جاچ دوران وارثن جيڪي ڳالھيون ٻڌايون يا دعوائون ڪيون ھيون، انھن کان وڌيڪ عوامل سامھون اچڻ بعد نوان قلم لڳايا ويا آھن. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو تھ اھي قلم جوابدار عابد لغاري سميت ڪاليج جي پرنسيپل سميت جنھن جنھن جو ان ڏس ۾ ڪو ڪردار آھي، ان حساب سان نوان قلم لڳايا ويا آھن. ايس ايس پي چيو تھ جنھن جو ڪردار ڀتو وٺڻ ۾ آھي تھ ان تي ڀتي جو قلم ۽ جنھن جو ڪردار ٺڳي ڪرڻ جو آھي تھ ان تي ٺڳي جو قلم لاڳو ڪيو ويو آھي ۽ اھي سڀ قلم مليل شاھدين جي بنياد تي لاڳو ڪيا ويا آھن. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ فھميدا لغاري ڪيس جو شروعاتي چالان سڀاڻي يا پرين تائين عدالت ۾ جمع ٿي ويندو ۽ فائنل چالان تڏھن پيش ڪنداسين، جڏھن فارينزڪ رپورٽون ملي وينديون.