فهميده لغاري ڪيس: 4 جوابدارن جي ضمانت منظور، هڪ جي رد، وڌيڪ تفصيل طلب

فهميده لغاري ڪيس: 4 جوابدارن جي ضمانت منظور، هڪ جي رد، وڌيڪ تفصيل طلب

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ڪاليج جي فارماسسٽ عابد لغاري جي  جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت مان ضمانت لاءِ ڏنل درخواست رد ڪئي وئي آھي. جوابدار عابد لغاري کي گذريل پيشيءَ تي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو ھو.ھوڏانھن ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل شاگرد عبدالرحمان، عبداللھ، ڪاليج جي پرنسيپل ظفر تنوير عالم ۽ سندس زال پروفيسر فرزانا جون فرسٽ جڊيشل سيشن جي عدالت مان اڍائي اڍائي لک رپين جي مچلڪن عيوض پڪيون ضمانتون منظور ڪيون ويون آھن.، هوڏانهن فھميدا لغاري ڪيس ۾ ڊي آءِ جي پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي ٽيون ڀيرو خانگي ميڊيڪل ڪاليج پھچي وڌيڪ تفصيل گھري ورتا، خبر موجب ميرپورخاص جي خانگي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ فيصل عبداللھ چاچڙ پاران جوڙيل جاچ ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ ٽيون ڀيرو خانگي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج ۾ پھچي فھميدا لغاري ڪيس جي حوالي سان انتظاميا کان وڌيڪ تفصيل ورتا ۽ سندن بيان رڪارڊ ڪيا. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ٻڌايو تھ اڳ ۾ جيڪي تفصيل ۽ بيان ورتا ھئا، انھن مان جيڪي ڳالھيون نڪتيون ھيون، اڄ ان حوالي سان يونيورسٽي جي چانسلر سان ملاقات ڪئي آھي، جنھن ۾ يونيورسٽي جي گھربل رڪارڊ جي لسٽ ڏني وئي آھي تھ اھو رڪارڊ مھيا ڪري ڏنو وڃي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بھ پنھنجو ھڪ اضافي بيان جمع ڪرايو آھي. ھن جاچ دوران يونيورسٽي اندر توڙي ٻاھر ويٺل ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تھ جاچ ھلندڙ آھي، جاچ بابت ھن وقت اھي ڳالھيون پڌريون نٿيون ڪري سگھجن تھ جيئن اھي ڳالھيون جاچ تي اثرانداز نھ ٿي سگھن. ھن چيو تھ اسان جيڪو رڪارڊ گھريو آھي، اھو جڏھن ملندو تھ ممڪن آھي ٻيھر يونيورسٽي ۾اچي ان جي جاچ جي سلسلي ۾ اچڻو پوي