فهميده مرزا جو چونڊ نشان لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

جنوري 29, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چونڊ نشان نه ملڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آر او ۽ اپيليٽ ٽربيونل پاران نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ اپيل منظور ڪري چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي ته درخواستگذار کي جي ڊي اي پارٽي جو چونڊ نشانو الاٽ ڪيو ويندو

 درخواست ۾ چيو ويو ته پارٽي پاران متبادل اميدوار کان ٽڪيٽ واپس وٺي فهميدا مرزا کي ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن کي ذاتي طور پيش ٿي ۽ لکت ۾ به پارٽيءَ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو

 اليڪشن ڪميشن پاران پارٽيءَ جي خط ۽ ٽڪيٽ کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ نشان ستارو الاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

Leave A Comment