| فهميده ڪيس: جاچ ٽيم جي وارثن سان ملاقات، سرزمين جو معائنو، جوابدارن جو بيان قلمبند |
ميرپورخاص (رپورٽ فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص جي نجي يونيورسٽي ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي سھائي ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل ٽيم ميرپورخاص پھتي، وارثن سان تعزيت بعد تفصيل ورتا، ايس ايس پي ميرپورخاص سان بھ ملاقات ڪري ڪيس بابت ڄاڻ ورتي وئي، جاچ ٽيم بعد سيٽ لائيٽ ٽائون ٿاڻي تي وڃي، گرفتار ٿيل جوابدارن جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا، (اڄ) جاچ ٽيم ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا سان ملاقات ڪندي ۽ بيان قلمبند ڪندي، خبر موجب ميرپورخاص جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ٽيڪنيڪل اينڊ فارينزڪ سي ٽي ڊي سھائي عزيز ٽالپر جي سربراھيءَ ۾ جوڙيل ٽيم ميرپورخاص پھتي آھي. ٽيم جي سربراھ سھائي عزيز ٽالپر، ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن،ڊي ايس پي آر آر ايف سراج الدين لاشاري، انسپيڪٽر فياض حسين ڪيس جي جاچ آفيسر ڪامران هاليپوٽو ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري کانئس تفصيل ورتا.جنهن بعد جاچ ٽيم فهميده جي گهر پهتي جتي وارثن سان تعزيت بعد واردات واري جاء جو معائنو ڪيو ۽ وارثن سندس امڙ، ڀيڻ مهڪ ۽ فريادي افتخار لغاري کان تفصيل ورتا، ان موقعي تي ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر چيو تھ ھي جاچ اھم آھي، اسان ھر پھلو کان جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ ٽيڪينيڪل سپورٽ بھ اسان گڏ آھي. اسان جي ڪوشش آھي تھ جيڪا حق ۽ سچ جي ڳالھ آھي ان تائين پھچي سگھون. ھن چيو تھ ھي ڪيس تمام گھڻو حساس آھي، سماج سان لاڳاپيل ٻين مائٽن جون بھ نياڻيون پڙھن ٿيون ۽ انشاءَ اللھ اسان ھن ڪيس ۾ جيڪي بھ ڪردار ملوث ھوندا، انھن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين. ھن چيو تھ ھراسمينٽ سيل جتي بھ آھن، اھي فعال ھجڻ گھرجن. ھن وڌيڪ چيو تھ ھن جاچ ۾ جن جن جا بيان وٺڻا پيا، اھي ورتا ويندا.
واقعو ڇو ۽ ڪيئن ٿيو؟ ڊي آءِ جي پاران جوڙيل ڪميٽي پاران ٽيڪنيڪل جاچ شروع
ميرپورخاص: فھميدا لغاري ڪيس ۾ ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سربراه سيد فداحسين شاه پنھجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت فھميدا لغاري ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آھي جاچ مان ڪجھ اھڙا ثبوت مليا آھن جنھن کي سامھون رکندي جاچ جي دائري کي وڌايو ويو آھي ان کانسواء ڪجھ شيون فزيڪلي ۽ ٽيڪنيڪلي سامھون اچي رھيون آھن جنھن مان اميد آھي ت ھن ڪيس بابت اھم ثبوت ملندا جوابدار عابد لغاري جي موبائل مان جيڪي ڊجيٽل ثبوت مليا آھن انھن بابت نٿا ٻڌائي سگھون جاچ مڪمل ٿيڻ بعد حقيقتون ظاھر ڪيون وينديون ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن سان گڏ ھڪ روپوش جوابدار عبدالله سميت ٻن ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدارن کان جاچ ڪرڻ بعد ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچي سگھنداسين ت واقعو ڪيئن ۽ ڇو پيش آيو
فھميده لغاري ڪيس ۾ نامزد جوابدار هڪ جوابدار جي ضمانت منظور
ميرپورخاص: فھميدا لغاري ڪيس ۾ نامزد جوابدار عبدالله راجپوت جي ھاء ڪورٽ حيدرآباد مان 30 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ھڪ ھفتي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي. واضح رھي تھ ھن ڪيس ۾ 2 جوابدار اڳ ئي ضمانت تي آزاد ٿيل ھئا, جڏھن تھ باقي 2 جوابدار گرفتار ٿيل آھن, عبد الله راجپوت آخري جوابدار ھو جيڪو گرفتار نھ ٿي سگھيو ھو, جنھنجي اڄ ھاء ڪورٽ مان عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي
| ڪيس ۾ ڪوتاهي پوليس ڪارڪردگي تي سواليه نشان هوندي: فريادي |
ميرپورخاص: فھميده لغاري ڪيس جي فريادي ۽ فهميده جي مامي افتخار لغاري چيو ته اسان پاران ليڊيز پوليس عملدار کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو صرف ان لاءِ ڪيو ھو ته جيئن ڪاليج ۾ پڙھندڙ ٻين نياڻين جا بيان آساني سان وٺي سگھجن، اسان چاھيون ٿا ته فھميدا وارو واقعو ڪنھن ٻي نياڻي سان پيش نه اچي سگھي. آءِ جي سنڌ پاران جاچ لاءِ قائم ڪيل 05 رڪني ٽيم تي اعتماد آھي جيڪڏھن ھن ڪميٽي جي جاچ بعد ڪيس ۾ ڪا ڪوتاھي ٿي ته اھو پوليس جي ڪارڪردگي لا ھڪ سواليا نشان ھوندو عورت آفيسر جي جاچ مان اھو ٿيندو ته ھو اتي پڙھندڙ نياڻين کان بھترين طريقي سان معلومات وٺندي ھن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کانسواء ٻيا ڪجهھ ماڻھو ملوث آھن اميد ٿا ڪريون ته جاچ ڪميٽي انھن کي به وائکو ڪندي