فهميده ڪيس ۾ جاچ ٽيم خانگي يونيورسٽي ۾ بيان قلمبند، سي سي ٽي وي رڪارڊ ھٿ

فهميده ڪيس ۾ جاچ ٽيم خانگي يونيورسٽي ۾ بيان قلمبند، سي سي ٽي وي رڪارڊ ھٿ

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ جوڙيل 5 رڪني ٽيم ميرپورخاص جي خانگي يونيورسٽي پھتي, جتي ٽيم يونيورسٽي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو رڪارڊ ھٿ ڪيو ۽ الزام ھيٺ آيل فارماسسٽ عابد لغاري جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو، ٽيم کي يونيورسٽي انتظاميا فھميدا لغاري جي والد پاران ڏنل شڪايت ۽ يونيورسٽي انتظاميا پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن بابت پڻ آگاھي ڏني وئي ٽيم جي ميمبرن ان موقعي تي فھميدا جي ڪلاس فيلوز شاگردياڻين ۽ شاگردن جا پڻ بيان قلمبند ڪيا. ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ۽ ٽيم جي ميمبر ايس ايس سجاول علينا راجپر بعد ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص جي آفيس ۾ ھڪ گڏجاڻي رٿي، جنھن ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ، ابن سينا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ميرپورخاص يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، فھميدا لغاري ڪيس جي فريادي افتخار لغاري، ايم پي اي خير النساءَ مغل ۽ سول سوسائٽي جي فردن شرڪت ڪئي، جنھن ۾ فھميدا لغاري ڪيس جي ھلندڙ جاچ، يونيورسٽي جي ماحول سميت ڪيس جي مختلف پاسن تي ويچاريو ويو.ان موقعي تي ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز  ٽالپر چيو تھ ھن ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ يونيورسٽي وڃڻ تمام لازمي ھو. ھن چيو تھ فھميدا لغاري جي وارثن ھن ڪيس ۾ ٻڌايو آھي تھ ھوءَ يونيورسٽي مان اچڻ بعد تمام گھڻو پريشان ھئي تھ ان سلسلي ۾ اسان سندس ڪلاس فيلوز جا تفصيلي بيان قلمبند ڪيا آھن. ھن چيو تھ فھميدا جي وارثن يونيورسٽي ۾ جيڪا شڪايت داخل ڪئي ھئي، ان بابت پڻ يونيورسٽي انتظاميا جا بيان قلمبند ڪيا ويا آھن. ھن چيو تھ اسان ان ڳالھ جو بھ جائزو روتو آھي تھ جيڪڏھن اھڙي قسم جي ڪا ھراسمينٽ ٿئي ٿي تھ ان جو ازالو ڪيئن ڪيو وڃي ٿو؟
 

الزام هيٺ آيل استاد شاگردن کان اوڌر وٺندو هو
 

ميرپورخاص: ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ميڊيا کي ٻڌايو ته الزام ھيٺ آيل جوابدار عابد لغاري اتي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائيندو ھو ۽ يونيورسٽي بھ کيس ڊاڪٽر لکندي ھئي ۽ ھن وٽ ڊاڪٽر آف فارميسي جي ڊگري ھئي پر ھو ايم بي ايس ڊاڪٽر ناھي. چيو تھ عابد لغاري يونيورسٽي ۾ ڊيمانسٽريٽر ھو، پر شاگرد ٻڌائين ٿا تھ ھو ڪلاس پڻ وٺندو ھو. ايس ايس پي چيو تھ اھا بھ خبر پئي آھي تھ ھو ٻارن کان اڌارا پئسا وٺندو ھو ۽ ھن پاڻ اعتراف ڪيو آھي تھ ھو پرائمري ٽيچر بھ ھو ۽ شاگردن کان اوڌر وٺندو ھو. ھن چيو تھ سي سي ٽي جي تمام وڏي ڊيٽا ھٿ ڪئي آھي، جنھن مان اسان ان ڏينھن جو ۽ ان کان اڳ وارن ڏينھن جي رڪارڊنگ جو جائزو وٺي رھيا آھيون. ھن چيو تھ ھن ڪيس ۾ جيڪي آخري جوابدار عبداللھ کان اڄ جاچ ڪئي ويندي.
 

ميرپورخاص: جاچ آفيسر سهائي عزيز ٽالپر چيو تھ ھن جاچ ۾ نوان اينگل اچن پيا، سامھون ايندڙ انھن نون اينگلز بابت اسان جو فرض آھي تھ انھن جي بھ جاچ ڪريون. ھن چيو تھ فھميدا لغاري جو موبائل فارينزڪ لاءِ موڪليو ويو آھي.