فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

مَي 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، فواد چوڌري کي بڪتربند گاڏيءَ ذريعي عدالت آندو ويو، هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ جي موقعي تي صحافين  فواد چوڌريءَ کان سوال ڪيا، هڪ صحافيءَ  فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته پوليس جو رويو ڪيئن هو؟ ڇا  اوهان تي دٻاءُ ته نه وِڌو وَيو آهي؟ جنهن تي فواد چوڌري جواب ڏنو ته ضمانت ٿيڻ ڏيو، بعد ۾ ڳالهائينداسين، فواد چوڌريءَ چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملي  جي اڳ به مذمت ڪئي، مان جيل ۾ هئس، خبر ناهي ٻاهر ڇا ٿيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيل ۾ جيڪڏهن ڪا اهم ملاقات ٿئي ها ته اهڙا حال نه هجن ها؟ گرفتاري دوران گذريل ڏينهن فيملي سان رابطو ٿيو، ڪيس بي مذاق آهي، هتان نڪرنداسين ته ڪنهن ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪندا، 8 هزار ماڻهو هن وقت جيلن ۾ آهن

Leave A Comment