جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) تعليم کاتي جي اختيارين جي ملي ڀڳت سان فوتي استاد جون پگهارون جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاهه علي بنگلاڻي جو پرائمري استاد عبدالنبي بنگلاڻي 2018 ۾ فوت ٿيو
5سال اڳ فوت ٿيل پرائمري استاد جي نالي تي 30 جون 2023 تائين پگهارون ورتيون ويون، ٽي اي و ٺل چيو آهي ته چارج وٺڻ شرط ئي فوت ٿيل استاد عبدالنبي بنگلاڻي جي آئي ڊي بند ڪرائي ڇڏي