| فوتي ڪوٽا: تعليم کاتي کي 2 هفتن ۾ نوڪري ڏيڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ تعليم کاتي کي درخواستگذار عمير کي فوتي ڪوٽا تي 15 ڏينھن ۾ ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته تعليم کاتي جو ورڪشاپ اٽينڊنٽ 2020 ۾ وفات ڪري ويو ھو، سندس پٽ فوتي ڪوٽا تي گريڊ 11 جي جونيئر ڪلارڪ جي پوسٽ لاءِ درخواست ڏني، کاتيوار ڪاميٽي 2024 ۾ آفر ليٽر جاري ڪيو. سپريم ڪورٽ جي فوتي ڪوٽا بابت آيل فيصلي جي بنياد تي اها مقرري رد ڪئي وئي. جنهن تي سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ فوتي ڪوٽا تي مقرري ممڪن ناھي. جنهن تي عدالت چيو تھ والد جي وفات سان گڏ ئي درخواستگذار جو ملازمت تي حق پيدا ٿي ويو ھو، اھڙي حق کي بعد ۾ ختم نٿو ڪري سگھجي. عدالت چيو تھ وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنوآهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي تي لاڳو نھ ٿيندو.عدالت چيو تھ درخواستگذار کي فوتي ڪوٽا آڌار ملازمت جو حق حاصل ٿي چڪو ھو. عدالت چيو تھ شھرين کان پھريان کان حاصل ٿيل حق برقرار رھن ٿا، لاڳاپيل عملدار 15 ڏينھن ۾ سندس مقرري ڪري عملدرآمد رپورٽ پيش ڪن.