| فوتي ڪوٽا ڀرتي پاليسي ۾ نرمي: قانون کاتو آئوٽ: صوبائي سيڪريٽرين کي اختيار ملي ويا |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ ۾30 هزار کان وڌيڪ پينڊنگ پيل فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن جي ڀرتين واري پاليسي ۾ نرمي، فوتي ڪوٽا جا ڪيس قانون کاتي ۽ چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻڻ بجاءِ لاڳاپيل کاتن کي اُڪلائڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار پاران عدالتي حڪمن بعد فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين جي شروعات ڪئي وئي آهي. حڪومتي اختيارين ڀرتين لاءِ سرڪيولر جاري ڪري” ڀرتي پاليسي“ ۾ به نرمي ڪئي آهي. فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن لاءِ قانون واري کاتي جي راءِ وٺڻ ۽ چيف سيڪريٽري جي منظوري وارا شرط ختم ڪري ڀرتين جا سمورا اختيار لاڳاپيل کاتن جي سربراھن يعني صوبائي سيڪريٽرين حوالي ڪيا ويا آهن. هاڻ صوبائي سيڪريٽري فوتي ڪوٽا جا ڪيس ڇنڊڇاڻ ڪاميٽي ذريعي پڙتال ڪرائڻ بعد آفر آرڊر جاري ڪري سگھي ٿو. سرڪار پاران سمورن سرڪاري کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن جي ڪاميٽي ۾ لاڳاپيل فيلڊ آفيسرن (جتي فوتي ملازم ڊيوٽي دوران فوت ٿيو هجي) کي لازمي شامل ڪيو وڃي. سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي جي سفارشن باوجود صوبائي سيڪريٽري جي فوتي ڪوٽا جي هر هِڪ ڪيس جي حوالي سان حتمي منظوري لازمي هوندي.
فوتي ڪوٽا وارن کان گريڊ 4 کان مٿي واريون پوسٽون لڪايون وڃن ٿيون
ڪراچي: فوتي ڪوٽا تحت درخواستون ڏيندڙ گريجوئيٽ نوجوانن کان 4 گريڊ کان مٿين گريڊ وارا عهدا لاڳاپيل ضلعن جي اختيارين پاران لِڪايا وڃن ٿا، انهن اميدوارن کي رڳو هڪ کان 4 گريڊ تائين جي نوڪرين ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته 4 گريڊ کان مٿين گريڊ وارا خالي عهدا ظاهر نه ڪيا ويندا آهن.
تعليم، صحت ۽ آبپاشي کاتن ۾ فوتي ڪوٽا ڪيسن جي ڀرمار
ڪراچي: تعليم، آبپاشي ۽ صحت کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين جون سڀ کان وڌيڪ درخواستون جمع ٿيل آهن. درخواستن جي پڙتال بعد اميدوارن کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وينديون.
سيپٽمبر 2025ع کان اڳ جمع ٿيل درخواستن تي آرڊر جاري ٿيندا
ڪراچي: ”فوتي ڪوٽا جي نئين پاليسي“ تحت سيپٽمبر 2025ع کان اڳ جمع ٿيل درخواستن آڌار گھرجن تي پورو لهندڙ اميدوارن کي ئي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويندا. سيپٽمبر 2025ع کانپوءِ جمع ٿيندڙ ڪا به درخواست قابِل قبول نه هوندي.