فوجي اٿارٽي ڪنهن کي بنا چارج ڪيئن گرفتار ڪري سگهي ٿي؟ : چيف جسٽس

جُون 27, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته فوجي اٿارٽي ڪنهن شخص کي بنا چارج جي ڪيئن گرفتار ڪري سگهي ٿي؟

شاهدين کانسواءِ ڪيئن الزام هنيا وڃن ٿا، هي معاملو سنجيده ۽ سمجهه کان مٿانهون آهي، جهول قانون ۾ آهي

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ريڪارڊ ظاهر ڪري ٿو ته ڇا الزام لڳايو ويو، اهي تفصيل موجود ئي نه آهن، جسٽس منيب اختر چيو ته هڪ ماجسٽريٽ به پوليس رپورٽ اچڻ تائين جوابدار خلاف ڪارروائي نه ٿو ڪري سگهي، رڳو جنگ ۽ جنگي حالتن ۾ ڪنهن شخص جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، بنيادي حق معطل  نه هجن ته سولين جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ نه ٿو ٿي سگهي

جسٽس يحيٰ آفريدي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ ايس پي آر جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس مان صورتحال بلڪل واضح آهي، ڇا سولينز جو اندروني تعلق جوڙيو پيو وڃي؟ اٽارني جنرل چيو ته هاڻي جيڪا ڪارروائي هلي رهي آهي اها فوج جي اندران معاونت جي الزام جي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران آءِ ايس پي آر پاران 102 ماڻهن جي ٽرائل جي ڳالهه ڪئي وئي، اٽارني جنرل ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيانن ۾ تضاد آهي

اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته مان اڄ به پنهنجي بيان تي قائم آهيان، اڃا تائين ڪنهن سولين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل شروع نه ٿيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اٽارني جنرل اسان کي توهان کي ڳالهه تي يقين آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام