فوجي بجيٽ وڌيڪ هجڻ رڳو پروپيگنڊا آهي، ميثاق معيشت ڪيو وڃي: زرداري

جُون 7, 2023

لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جي جيڪا هن وقت معاشي حالت آهي اسان اڳ ۾ به ان حالت ۾ هئاسين، مون کي يقين آهي ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ جيڪا هن وقت 20 ارب ڊالر آهي اها 200 ارب ڊالر ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار پئسا لڳائي رقم ٻاهر وٺي ويندو آهي هو هڪ ڊالر لڳائي 5 ڊالر گهرندو آهي.

بزنس مين گڏجي صنعت جي چونڊ ڪري اڳتي وڌن اسان انهن کي سيڙپڪاري جي گارنٽي ڏينداسين. اسان وٽ ٽيڪس انهن کان ورتو وڃي ٿو جيڪي هن وقت به ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن اسان کي الله کان ڊڄڻ گهرجي. 250 کان 300 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ هجي ته اسان کي ڪنهن دوست ملڪ ڏانهن ڏسڻو نه پوندو.

هن چيو ته مون گوادر جو معاهدو چين سان ڪيو هو. هن چيو ته دفاعي خرچ وڌيڪ هجڻ جي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، معيشت پنجن ڏهن سالن لاءِ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ معيشت جي بهتري جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ ميثاق معيشت جي ضرورت آهي ميثاق معيشت ۾ ڊگهيون پاليسيون جوڙيون وڃن پنجاب جي وڏين شخصيتن کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Comment