فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ڪيس هلائڻ جي اجازت: سپريم ڪورٽ پاران ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل
ڊسمبر 13, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل روڪڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، جسٽس طارق مسعود جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ انٽراڪورٽ اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو اڪثريتي راءِ سان ٻڌايو، بينچ مان رڳو جسٽس مسرت هلالي اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو، بينچ ۾ اختلافي نوٽ لکندڙ جسٽس مسرت هلالي کانسواءِ جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان شامل هئا، فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل، سلمان اڪرم راجا، اعتزاز احسن پيش ٿيا، ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس طارق ڌرين جي وڪيلن کان سوال ڪيو ته اوهان کي ڪنهن نوٽيس موڪليو آهي؟ جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته نوٽيس کان اڳ ججن تي اعتراض هجي ته ان تي دليل ٿيندا آهن جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڌرين جي وڪيلن جا اعتراض بي بنياد آهن پهريان ميرٽس تي ڪيس ٻڌو وڃي، نوٽيس بعد اعتراض اٿاري سگهجن ٿا. جسٽس طارق چيو ته فوجداري ڪيسن ۾ ڪوئي به فيصلو ٻئي ڌر کي نوٽيس بنا معطل ناهي ٿيندو، اڃا فيصلو معطل ناهي ٿيو ۽ نوٽيس بنا نٿو ٿي سگهي،وڪيل سلمان اڪرم چيو ته عدالت ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو اسان کي ٻڌڻ بنا نٿي ڪري سگهي، جسٽس طارق چيو ته ٻن لائنن ۾ هڪ قانون جي پوري سيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، دفاع وزارت جي وڪيل خواجه حارث موقف اختيار ڪيو ته هر سويلين جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ نه پيو ٿئي، صرف ان سويلينز جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو جيڪي قومي سلامتي لاءِ خطرو آهن، فوج جي تحويل ۾ 104 ماڻهو 7 مهينن کان آهن، جوابدارن لاءِ مناسب ٿيندو ته انهن جو ٽرائل مڪمل ٿئي. اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪجهه جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو هو ڪجهه تي نه، اڪثر جوابدار شايد بري ٿي وڃن، جن کي سزا ٿي آهي اها به 3 سال کان وڌيڪ نه ٿيندي، جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته جن ماڻهن ڪالهه پاڪ فوج جا 23 جوان ماريا انهن سولينز جو ٽرائل هاڻي ڪهڙي قانون تحت ٿيندو؟ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي جڏهن ٻڌو ويندو ته انهن سوالن جا تسلي جوڳا جواب ڏينداسين، بنيادي حقن کي آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي، جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هڪ ته بنيادي حق خبر ناهي ته اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل معطل ڪرڻ بابت اسٽي آرڊر ڏيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌايو ويو، سپريم ڪورٽ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏني، عدالتي فيصلي موجب 9 مئي جي واقعن ۾ نامزد 103 ڄڻن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جاري رهندو، پر عدالت قرار ڏنو آهي ته فوجي عدالتون سمورن گرفتار جوابدارن خلاف حتمي فيصلو جاري نه ڪنديون، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جنوري جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هلندڙ سال 23 آڪٽوبر تي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ اپيلن تي ٻڌڻي هلائڻ بعد فيصلو ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪرڻ بعد ٻڌائي ڇڏيو.