اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل خلاف ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جاري آهي، وفاقي حڪومت جي استدعا تي چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ هن وقت جوڙڻ ناممڪن آهي
چيف جسٽس چيو ته سمورن ججز تي ٻڌل بينچ جوڙڻ ٽيڪنڪي بنياد تي ئي ممڪن ناهي، ٽن ججز ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي، ڪجهه ججز ملڪ ۾ ناهن
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس اطهر من الله ملڪ کان ٻاهر آهي، اسان اوهان کي تفصيل سان ٻڌڻ لاءِ وقت ڏينداسين