فوجي عدالتن ۾ 9 مئي جا ڪيس اڪلائجي ويا، فيض جو هلي پيو: فوجي ترجمان

فوجي عدالتن ۾ 9 مئي جا ڪيس اڪلائجي ويا، فيض جو هلي پيو: فوجي ترجمان

راولپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي معرڪه حق ۾ ڪاميابي ڪنهن جي ڪمان ۾ وڙهندي ملي؟ اسان کي زندگيون ڏيڻيون ۽ وٺڻيون هونديون آهن اهو سڀ گڏ ڪندا آهيون 9 مئي جو ڪيس پاڪ فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي، شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي متعلق فوجي عدالتن ۾ جيڪي ڪيس آيا هئا، انهن کي اُڪلايو ويو آهي. سول عدالتن ۾ جيڪي ڪيس آهن اُن تي مان ڪمينٽس نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته مان آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي ڪريان، ائين نٿو ڪري سگهان، اسان وٽ فيض حميد جو ڪيس هلي رهيو آهي، پاڪ فوج پروفيشنل ادارو آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ناهي هلندو.