سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوجي عدالتون نه پيون ٺاهيون وڃن پهريان ئي عدالتون موجود آهن انهن ۾ ڪيس هلايا ويا ويندا
سيالڪوٽ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪچي وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته 9مئي واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي اسان ڪنهن جا حق نه نه کسي رهيا آهيون نه ئي سياسي مقصدن لاءِ قانون جو استعمال ٿيندو جن شرپسند فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا انهن جون وڊيوز موجود آهن انهن تي ڪيس هلندا
خواجه آصف چيو ته موجوده حالتن هڪ سياسي اڳواڻ ۽ ليڊر فوج کي نشانو بڻائي رهيو آهي فوج کي نشانو بڻائڻ ۾ هو ٻاهرين ملڪ جي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي فوجي جوان وطن عزيز جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي رهيا آهن
وفاقي وزير چيو ته 9مئي تي پاڪستان جي وجود تي حملو ڪيو ويو هڪ شخص صرف پنهنجي اقتدار لاءِ اهو حملو ڪيو جي ايچ ڪيو تي حملو ڀارت جي مقصدن ۾ شامل آهي