فوجي عدالتي ٽرائل جو رڪارڊ اسان به نٿا ڏسي سگهون، ڇا ادارا ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟: جسٽس مندوخيل
اپريل 10, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا آهن ته شڪايت ڪندڙ پاڻ ڪيئن ٽرائل ڪري سگهي ٿو. ڇا سمورن ادارن کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا. ڇا پنهنجي ادارن تي اعتماد ناهي؟ سڀاڻي خدا نه ڪري هي عدالتون به ناڪام ٿي وڃن ته پوءِ؟ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران اٽارني جنرل چيو ته جڏهن ڪورٽ مارشل ٽرائل ٿيندو آهي ته ان جو پورو طريقيڪار هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ملٽري ٽرائل ڪئين ٿيندو آهي ان جو پورو رڪارڊ عدالت وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي سزائي موت ٿيندي آهي ته تيستائين اُن تي عمل ناهي ٿيندو جيستائين اپيل تي فيصلو نٿو ٿئي. اسان اپيل جي ڳالهه ان لاءِ ڪري رهيا آهيون ته هي بنيادي حق آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪندڙ قانون، شاهدين جا ماهر ناهن هوندا. فوجي عدالتن ۾ شاهدين کي غلط به پڙهي سگهجي ٿو. جسٽس مسرت هلالي اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان ڪيئن انصاف ۽ شفاف ٽرائل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ فوجي عدالتن ۾ ڪلاشنڪوف رکي فيصلو ڪيو ويندو آهي. فوجي عدالتن ۾ انهن کي ڪو ڪجهه چئي سگهي ٿو؟ حڪومت سويلينز کي اپيل جو حق ڏيندي ته ڪهڙو مسئلو پيدا ٿيندو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوجي عدالتن جي ٽرائل جو رڪارڊ ته اسان به نٿا ڏسي سگهون. حڪومت اپيل جو حق ڏئي رهي آهي يا نه؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته مان ان معاملي تي هن وقت ڪو حتمي بيان نٿو ڏئي سگهان. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته شڪايت ڪندڙ پاڻ ڪيئن ٽرائل ڪري سگهي ٿو؟ ڇا سمورن ادارن کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟ ڇا پنهنجي ادارن تي اعتماد ناهي؟ سڀاڻي خدا نه ڪري هي عدالتون به ناڪام ٿي وڃن ته پوءِ؟ پرهيز علاج کان بهتر آهي. اسان ججز ته آئين جا پابند آهيون. اسان تي ته ماڻهو فيصلن سبب صرف پنجاهه سيڪڙو اعتماد ڪندا آهن جنهن جي خلاف فيصلو ناهي هوندو اهو پوءِ پسند به ناهي ڪندو. وڪيل خواجه حارث چيو ته سول سروس ايڪٽ ۾ به اپيل جو حق ناهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سول سروس ايڪٽ ۾ کاتي وچ ۾ سروس ٽربيونل هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏان ته ضابطه فوجداري سپريم ڪورٽ تائين 3.4 فورم ٺهندا آهن. سمورين ڳالهين جو مقصد صرف هڪ آهي ته ناجائز سزا نه ٿئي. ڪورٽ مارشل ته ٿي سگهي ٿو پوري دنيا ۾ ٿيندو آهي. سوال صرف سويلينز تائين دائرو وڌائڻ جو آهي. ڊسيپلين برقرار رکڻ جي لاءِ ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو هن طرف ڇو وڃي رهيا آهيو. آئيني بينچ ٻڌڻي 10 اڇريک تائين ملتوي ڪري ڇڏي.