فوجي عمارتن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي مرد اهلڪار حراست ۾ نه وٺن: محسن نقوي

مَي 20, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته فوجي اڏاوتن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت گرفتار ڪيو ويندو، پوري پنجاب ۾ 9مئي جي 138 ڪيسن ۾ 500 کان وڌيڪ عورتون گهربل آهن

جناح هائوس حملي دوران اندر ۽ ٻاهر موجود عورتن جي پاڻمرادو گرفتاري ڏيڻ جي صورت ۾ انهن کي رعايت ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي محسن  نقوي چيو ته گهربل عورتن کي مرد پوليس اهلڪار حراست ۾ نه وٺندا، ليڊيز پوليس ذريعي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي

Leave A Comment