فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙ 30 کان 40 دهشتگرد زمان پارڪ ۾ موجود آهن: پنجاب سرڪار جي دعويٰ

مَي 17, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙ 30 کان 40 دهشتگرد زمان پارڪ ۾ موجود آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري نگران وزير عامر مير پي ٽي آءِ قيادت کي الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ 24 ڪلاڪن اندر دهشتگرد حوالي نه ڪيا ته ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته فيصلو ٿي ويو آهي ته دهشتگردن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، 3 هزار 4 سئو جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، 254 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، شرپسندن خلاف پوليس جا ٻڌل هٿ کولي ڇڏيا اٿئون، پي ٽي آءِ جون عورتون دهشتگرديءَ لاءِ ڀڙڪائڻ ۾ مردن کان به اڳتي آهن، هاڻي ڪنهن به رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو ته ان کي فواد چوڌري کان به وڌيڪ تيز ڊوڙڻو پوندو..

Leave A Comment