لاهور(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس قانون پٽاندڙ فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا
ملڪ ۾ امن امان بابت اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سويلين ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا، 9 مئي جي تاريخ کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو
هن چيو ته 9 مئي تي عمران نيازي جي حڪم تي سندس جٿن دهشتگردي ڪئي، عمران نيازي اُهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو 75 سالن ۾ دشمن به نه ڪري سگهي
وزيراعظم چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪري جناح هائوس کي ساڙيو ويو، 9 مئي واقعن جي رٿابندي ڪندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، ماڻهن کي ڀڙڪائيندڙ، نعرا هڻندڙ ۽ هنگاما ڪندڙ به نه بچندا