فوجي ڪورٽن جي حامي ناهيان پر اڄ عدالتون جوابدارن لاءِ پناهگاهون ۽ سهولتڪار بڻيل آهن: مريم نواز

مَي 20, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته اڄ عدالتون جوابدارن لاءِ پناهگاهون بڻيل آهن جج چوي ٿو ته اوهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي علماءَ و مشائخ کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سوموٽو ساسُو موٽو بڻجي ويو آهي، ججن جي لاڏلي کي ان وقت سزا ملي وڃي ها جڏهن زمان پارڪ تي مزاحمت ڪئي وئي هئي ته هي سانحو نه ٿئي ها

مريم نواز چيو ته جيڪو ڪم اسان جو دشمن نه ڪري سگهيو اهو ڪم فتني خان ڪيو عالمن کانسواءِ فتي خان جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي معاشرو هن وقت تقسيم جو شڪار آهي هن چيو ته عمران مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو پاڪستان خلاف سازش ۽ فتني جو نالو عمران خان آهي

مريم نواز چيو ته القادر ٽرسٽ  تحت زمين وٺي چيو ويو ته يونيورسٽي ٺاهي ويندي جنهن ۾ روحانيت جي تعليم ڏني ويندي، لڳي ٿو ته اتي جِنَ پڙهن ٿا جيڪي نظر نٿا اچن ٻڌو آهي ته اتي 30 يا 40 شاگرد آهن ڪير اچي ئي نٿو القادر ٽرسٽ سوڌو ٻي چوري جو حساب گهريو ويو ته ملڪ کي باهه لڳائي ڇڏي

هن چيو ته ملٽري ڪورٽ تي اعتراض آهي سول ڪورٽن ۾ عمران جي ڪيسن ۾ رڳو اسٽي ڏنا وڃن ٿا پوءِ ڪنهن تي اعتبار ڪجي

Leave A Comment